ڪراچي مان پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جو ڪمانڊر گرفتار

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي ۾ پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جو ڪمانڊر گرفتار، آمريڪي تيار ٿيل بم هٿ ڪيو ويو. تفصيل  مطابق سي ٽي ڊي سنڌ ۽ وفاقي حساس اداري پاران ڪراچي جي علائقي نورس چورنگي، منگھوپير روڊ تي ٽارگيٽيڊ آپريشن ڪري پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جي ڪمانڊر کي گرفتار ڪري وٽائنس آمريڪي تيار ٿيل دستي بم هٿ ڪيو آهي. ڪائونٽر ٽيررازم کاتي جي ترجمان مطابق ڪارروائي دوران پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان جي هڪ دهشتگرد يوسف خان عرف گل يوسف کي گرفتار ڪيو ويو، جنهن جو تعلق پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جي ڪمانڊر عظمت الله گروپ سان آهي. جوابدار 2006ع ۾ تحريڪ طالبان پاڪستان ۾ شموليت اختيار ڪئي هئي ۽ ساٿين سان گڏجي 2009ع دوران ڏکڻ وزيرستان جي سيلا سوئي قلعي ۾ ايف سي تي حملو ڪيو هو، جنهن ۾ سندس ٽيم ڪمانڊر نور ولي جي اڳواڻي ۾ ڪارروائي ڪئي وئي هئي. ان کان سواءِ جوابدارن ڏکڻ وزيرستان جي علائقي سروڪئي پيسا ۾ ايف سي جي گاڏي تي ريموٽ ڪنٽرول بم وسيلي ڌماڪو ڪيو ھو، جنهن جي نتيجي ۾ فورس جا 6 جوان زخمي ٿيا ھئا،  جوابدارن خلاف سي ٽي ڊي ڪراچي ۾ دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

  1. ڪراچي پٽيل پاڙا ويجهو منشيات فروش عورت گرفتار، آئس هٿ

ڪراچي ( رپورٽر ) ايس آءِ يو پوليس جمشيد روڊ پٽيل پاڙا فاطمه بائي اسپتال ويجهو ڪارروائي ڪندي منشيات فروشن جي  گينگ جي هڪ عورت  کي گرفتار ڪري آئس هٿ ڪري ورتي. تفصيل موجب اسپيشل انويسٽيگيشن پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪاروائي ڪندي منشيات گينگ جي عورت ميمبر آسيه زال شعيب دختر محمد صديق کي گرفتار ڪري سندس قبضي مان 210 گرام آئس هٿ ڪري ورتي. ايس ايس پي ايس آءِ يو عديل حسين چانڊيو موجب گرفتار جوابدار شروعاتي جاچ دوران انڪشاف ڪيو آهي ته هو بدنام زمانه منشيات فروش سلميٰ، امان ۽ سندس ناٺي عنايت کان منشيات وٺي ڪراچي جي مختلف هنڌن تي وڪرو ڪندو هو.

  1. سنڌ پوليس جي اعليٰ سطحي آفيسرن جون مقرريون ۽ بدليون

ڪراچي (رپورٽر)سنڌ پوليس جي اعلي سطحي آفيسرن جون مقرريون ء بدليون ، چيف سيڪريٽري  سنڌ سيد آصف حيدر شاھ پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ڊي  آئي جي اسٽيبلشمينٽ پير محمد شاھ کي ڊي آئي جي سکر مقرر ڪيو ويو آھي،جتان ڊي آئي جي عبدالحميد کوسو کي بدلي ڪري ڊي آئي جي ايس پي يو سي پيڪ مقرر ڪيو آھي،مقرري جي انتظار م ويٺل ڊي آئي جي نعيم احمد شيخ کي ڊي آئي جي اسٽيبلشمينٽ سي پي او سنڌ مقرر ڪيو ويو آهي. ٻئي طرف ڊي آءِ جي ڏکڻ ڪراچي زون سيد اسد رضا ڏھن ڏينھن جي لاءِ موڪل تي روانو ايڊيشنل چارج ڊي آءِ جي اولھ ڪراچي زون عرفان علي بلوچ کي ڏني وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.