گنڊاپور پاران 15 ڏينهن جو چتاءٌ، سڄي ملڪ جي بجلي بند ڪرڻ جي ڌمڪي

پشاور ( م ڊ )  خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جو چوڻ آهي ته اسان آزاد ڪشمير ۾ توهان جي طاقت ڏسي چڪا آهيون، جيڪڏهن اسان ٻاهر آياسين ته توهان جو ڇا ٿيندو، وفاقي حڪومت وٽ 15 ڏينهن  آهن مون سان ڳالهيون ڪيون وڃن، جيڪڏهن ڳالهه نه ٻڌي وئي ته پوءِ خيبرپختونخواهه ۾ واپڊا ۾ آفيسن تي قبضو ڪنداسين، واپڊا جي مدد کانسواءِ بجلي جو هڪ يونٽ به چوري نٿو ٿي سگهجي. خيبرپختونخواهه اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب دوران تحريڪ انصاف جي اڳواڻ علي امين گنڊاپور نگران حڪومت جي سمورن عملن جي جاچ جو اعلان ڪيو. علي امين گنڊاپور چيو ته نگران حڪومت جي مدي ۾ ٿيندڙ انتظامي ۽ معاشي قدمن جي جاچ لاءِ ڪميٽيون ٺاهيون وينديون، نگران حڪومت جي بجيٽ خلاف اپوزيشن جو بيان خود تنقيد جي مترادف آهي. نگران حڪومت جي مدي ۾واڌ جو سبب پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ هئي، پي ٽي ايم جيڪو ڪجهه ڪيو اهو انهن  سا به ٿي سگهي ٿي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير چيو ته هڪ ڏينهن پي ٽي آءِ تي ٿيل ظلمن تي افسوس ٿيندو، هن چيو ته تنقيد ٿي رهي آهي ته پي ٽي آءِ خيبرپختونخواهه ۾ سٺي ڪارڪردگي ناهي ڏيکاري، پارٽي نشان نه هجڻ باوجود عوام اسان کي اڪثريت ڏني آهي، ميمبرن جو انگ اهو ٻڌائي ٿو ته اها ڪارڪردگي آهي يا نه.هن وڌيڪ چيو ته رڳو انهن تي ئي الزام لڳايا پيا وڃن جن تي ظلم ٿيو آهي، سڄي ملڪ کي خبر آهي ته اسان جي پارٽي مظلوم آهي، اسان جي ماڻهن کي اغوا ڪيو ويو آهي، اسان سان ٿيل ناانصافين سبب ڪنهن کي به جمهوريت ياد ناهي. تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چيو ته ڌاندلي ٿي آهي ته ان تي تڪ کلڻ گهرجن، ۽ اسان جو چوري ٿيل مينڊيٽ اسانکي ضرور ملندو،  ڪو چوي ٿو اسان ڪوڙ ڳالهائي رهيا آهيون ته سڀ کان اڳ منهنجو تڪ کوليو وڃي، هن چيو ته اسان سڀ تڪ کولرائڻ لاءِ تيار آهيون، ڇا اپوزيشن به راضي ٿيندي. خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير چيو ته جيڪڏهن آئين ۽ قانون جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته هو پنهنجون ذميواريون به پوريون ڪن،هن چيو ته ڪي پي ڪي کي وفاق کان 300 ارب رپيا گهٽ مليا آهن، هن چيو ته مان رڪارڊ مطابق ڳالهيون ڪري رهيو آهيان، سندس چوڻ هو ته آءِ ايم ايف جي شرطن تي پورو لهڻ ضروري آهي،   آءِ ايم ايف جي شرطن تحت وفاقي حڪومت کي خيبرپختونخواهه کي 96 ارب رپيا ڏيڻا آهن، پر اسان کي پنهنجا پئسا به نٿا ملن، پر پوءِ به اسان پنهنجو فرض پورو ڪنداسين، ڇا پنجاب ۽ سنڌ به پنهنجو فرض پورو ڪندا. وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو ته صوبي ۾ ويهڻ وارو صوبي کي رليف ڏياريندو،هن چيو ته رليف نه ڏيڻ واري کي اندر ڪرائي ڇڏيندس.هن چيو ته عوام اسان کي بهتر لاڳاپن لاءِ نه پر جنگ لاءِ ووٽ ڏنو آهي. هن چيو ته اسان سستي بجلي ڏئي رهيا آهيون ته ڇا پنهنجو حق نه گهرون ، هن چيو ته حق نٿو ڏنو وڃي، ٽيڪس به لڳايا پيا وڃن، هن چيو ته اسان هر آپشن استعمال ڪنداسين ۽ پنهنجو حق وٺي رهنداسين .  خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته صوبي جا معاملا صوبي سان گڏ ويهڻ سان حل ڪيا ويندا، جيڪو به ٿيندو ان تي اتفاق ڪنداسين، عوام منهنجي طاقت آهي، هن وڌيڪ چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ هڪ رپيو به ناهي ڏنو ويو، وقت گذري ويو آهي، سڀني کي بيوقوف نٿو بڻائي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.