عدليه اسٽيبلشمينٽ لاءِ چئلينج بڻيل، جسٽس طارق جهانگيري جي عدالت ۾ انٽيليجنس اهلڪارن تي پابندي

اسلام آباد(رضا رومي+اعزاز سيد) اسٽيبلشمينٽ باقي سڀ شين کي ڪنٽرول ڪري ورتو آهي پر عدليه ان لاءِ چئلينج بڻجي سامهون آئي آهي، 190 ملين پائونڊ ڪيس ۾ به عمران خان کي ضمانت ملي وئي آهي، جنهن سان عدليه جي موڊ جي خبر پئجي ٿي، عدليه اسٽيبلشمينٽ سان هڪ پيج تي ناهي، گذريل 8 سالن کان اسٽيبلشمينٽ عدليه کي ڪنٽرول ڪيو ۽ پنهنجي مرضي جا فيصلا لکرايا،موجوده ججن جا اختلافي آواز اسٽيبلشمينٽ کي پٺتي هٽڻ جو واضح پيغام آهن،جڏهن ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق جهانگيري عدالت ۾ ڳجهن ادارن جي عملدارن ۽ اهلڪارن جي آمد تي پابندي هڻي ڇڏي آهي، ڪالهه سندس عدالت ۾ انٽيليجنس جا ماڻهو نه آيا،قومي سلامتي جي معاملن وارن ڪيسن کان علاوه ٻين ڪيسن ۾ انٽيليجنس اهلڪارن جي عدالت آمد سياست ۾ مداخلت جي علامت آهي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.