95 هزار پگهار کڻندڙ رائو انوار جون دبئي ۾ اڍائي ارب رپين جون ملڪيتون !

دبئي(فخر دراني) ملير جي اڳوڻي تڪراري ايس ايس پي رائو انوار جي خاندان جو نالو به دبئي پراپرٽيز ليڪ ۾ اچي ويو،اڳوڻي ايس ايس پي جي گهرواري ۽ پٽ جي نالي تي پنج ملڪيتون سامهون آيون آهن، ڪيترائي ٻيا  اهم نالا به شامل آيا آهن جن جي تصديق  جاري آهي، پر رائو انوار جي گهرواري ۽ پٽ جي نالي تي دبئي ۾ پنج ملڪيتون نڪري آيون آهن.پراپرٽيز ۲۰۱۸ کان ورتيون ويون جن مان ٻه وڪرو ڪيون ويون آهن،اها خبر ناهي ته رائو انوار انهن ملڪيتن لاءِ پئسو قانوني طريقي سان دبئي موڪليو يا غيرقانوني طريقي سان؟ جڏهن ته ٽي پراپرٽِيز اڃا به رائو خاندان جي ملڪيت آهن،موقف لاءِ رائو انوار سان رابطو ڪيو ويو آهي پر هن طرفان ڪو به جواب نه مليو،حيرت انگيز ڳالهه اها آهي جن ڏينهن ۾نقيب الله قتل ڪيس هلي رهيو هو،تڏهن ئي رائو انوار دبئي ۾ ملڪيتون خريد ڪري رهيو هو،دبئي جي پوش علائقن ۾ هن جا ٻه ولاز آهن، 2018ع کان 2023ع تائين رائو انوار دبئي جا 70 کان وڌيڪ دورا ڪري چڪو آهي،هن جو خاندان اتي ئي ترسيل آهي، هن جي ملڪيتن جو ڪاٿو ملين آف ڊالرز ۾ آهن،  اين ايل سي اسڪينڊل ۾ ملوث ليفٽيننٽ جنرل افضل مظفر ۽ سندس پٽ حسن مظفر جي نالي به دبئي ۾ ملڪيتون آهن،جنرل افضل مظفر آرمي جو پهريون جنرل آهي جنهن خلاف  آرمي چيف راحيل شريف جاچ ڪرائي ۽ هن کي نوٽ آف ڊسپليئزر جاري ڪيو هو جنرل افضل جو ڀاءُ زاهد مظفر او جي ڊي سي ايل جو چيئرمين رهيو آهي،هن خلاف نيب جو ڪيس به هليو انهن ئي ڏينهن ۾ هن دبئي ۾ پراپرٽيز خريد ڪيون آهن، زاهد مظفر ۽ هن جي گهرواري جي نالي تي به ملڪيتون آهن،حڪومت کي ان سلسلي ۾ جاچ ڪرڻ گهرجي

  1. زال جي لنڊن ۾ به ملڪيت آهي،ٻاهر سيڙپڪاري ڏوهه ناهي:محسن نقوي

لاهور (بيورو) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته دبئي ليڪس ۾ منهنجي زال جي ملڪيت 2017ع کان هئي ۽ گذريل سال هن  اها وڪڻي ٻي خريد ڪئي هئي. لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته  جيتوڻيڪ مان سمجهان ٿو ته مون کي هڪ ڪاروباري شخص جي حيثيت ۾ سيڙپڪاري ڪرڻي آهي، مان اهو پاڪستان ۾ ڪندس يا ٻاهران جتي منهنجي خيال ۾ قانوني پئسا آهن ۽ مان ٽيڪس ادا ڪريان ٿو، مون کي ڇو نه ڏيڻ گهرجي؟ گهرو وزير چيو ته جيڪڏهن ڪنهن وٽ غير قانوني پئسي سان ملڪيت آهي، ان کي ظاهر نه ڪيو آهي يا رشوت وٺي ورتي آهي ته ان جو ايشو ضرور ٺاهيو، پر افسوس آهي ته سڀ ڪجهه آهي، پر سامهون آندو ويو آهي، اهو غلط آهي ۽ اهو ٿيڻ نه گهرجي. هن چيو ته دبئي ۾ اهڙن ماڻهن جون ملڪيتون آهن جن جا نالا لسٽ ۾ ناهن، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته کين نشانو بڻايو ويو آهي، اسان کي ميڊيا هائوسز سميت ڪيترن ئي ماڻهن جي ملڪيتن جي خبر آهي، هن چيو ته آزاد ڪشمير ۾ احتجاجن جي پويان پرڏيهي ملوث هجڻ جو خدشو آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.