قاسم آباد ۾ محمود ملاح جو خون لڙهي ويو،20 لک ڏنڊ تي نبيرو

حيدرآباد(رپورٽر) قاسم آباد ۾ زميندار جي بنگلي ۾ مبينا طور تي جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش دوران قتل ٿيل نينگر 15 ورهين جي محمود ملاح پٽ مرحوم لال بخش عرف لالو ملاح جي قتل واري معاملي ۾ ڌرين ۾ ٺاهه ٿي  ويو آهي. ذريعن موجب مگسي برادري جي ماڻهن معاملي کي نبيرڻ لاءِ مقتول جي وارثن کي بااثر ڌرين ۽ ٽياڪڙي ڪرڻ جي لاءِ برادري جي ماڻهن جي مدد سان مقتول نينگر جي وارثن کي راضي ڪري ورتو, ملاح برادري سان تعلق رکندڙ يوسي 70 جي چيئرمين نديم ملاح ۽ مگسي برادري جي ماڻهن وچ ۾ اندروني ڳالهيون ٿيون, جنهن بعد مقتول جي وارثن کي سڄي صورتحال کان آگاهه ڪري نيٺ فيصلي تي راضي ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته معاملو 20 لک رپين تائين معاوضو ادا ڪرڻ عيوض ٿيو آهي, جڏهن ته مگسي برادري کان ڄاڻايل رقم وٺي ڏيڻ جي ذميواري يوسي چيئرمين نديم ملاح کنئي آهي, جنهن کانپوءِ ڌرين ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي. ان سلسلي ۾ مقتول جي ماروٽ عطر ملاح ٺاهه ٿيڻ جي تصديق ڪئي آهي. هن جو چوڻ هو ته ڳالهين ۾ مگسي برادري جا ماڻهو جڏهن ته ملاح برادري پاران يوسي چيئرمين نديم ملاح ڳالهيون ڪيون ۽ فيصلو ڪرڻ کانپوءِ ڌرين ۾ ٺاهه ٿي ويو آهي جڏهن ته ڏنڊ بابت هن ڪا به تصديق نه ڪئي, پر مقتول جي ويجهن مائٽن کان معلوم ٿيو آهي ته مگسي ڌر فريادين کي 16 کان 20 لک رپيا خون بها طور ادا ڪندي جنهن کانپوءِ ئي ڌرين ۾ ٺاهه ٿيو آهي. واضح رهي ته مگسي برادري جي نوجوانن حسين مگسي ۽ حسن مگسي 3 اپريل تي تعلقي ٻهراڙي جي ڳوٺ الله بچايو ميربحر مان پنهنجي هارين کان سندن 15 ورهين جو نينگر محمود ملاح پٽ لال بخش عرف لالو ملاح بنگلي تي ڪم سانگي ملازمت ڏيڻ بهاني پاڻ سان گڏ وٺي آيا هئا جتي ساڳئي رات 3 وڳي ڌاري پنهنجي ٻئي ملازم عطر ملاح سان ايمبولنس ذريعي نينگر جو لاش سندن وارثن ڏانهن ڳوٺ اماڻي ڇڏيو. نينگر جي امڙ مسمات مڊم ملاح ۽ سندس ماروٽ عطر ملاح جو چوڻ هو ته رات جي وقت بنگلي جي هڪ ڪمري ۾ زميندار اعجاز مگسي جا ٻئي پٽ حسن ۽ حسين مگسي پنهنجي دوست منتظر شاهه سان گڏ موجود هئا جن بار بار ڪمري ۾ محمود ملاح کي گهرايو پئي ۽ رات جو 11 وڳي ڌاري اوچتو فائر جو آواز ٻڌي هو پنهنجي ٻئي مائٽ شاهد ملاح سان گڏ ڪمري ۾ داخل ٿيو ته محمود ملاح زمين تي ڪريل هو ۽ سندس لونڌڙي واري سائيڊ کان منهن طرف رت وهي رهيو هو. نينگر جي امڙ جو چوڻ هو ته کين شڪ آهي ته بدفعلي جي ڪوشش دوران سندس پٽ کي حسين مگسي پنهنجي دوست منتظر شاهه سان گڏجي قتل ڪيو آهي جنهن تي راهوڪي ٿاڻي جي پوليس وارثن پاران شڪ ظاهر ڪرڻ تي ملازم نينگر جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال جي ميڊيڪو ليگل شعبي ڏانهن اماڻي قاسم آباد پوليس کي واقعي جو اطلاع ڏنو هو. ايس ايڇ او قاسم آباد سول اسپتال پهچي نينگر جو لاش تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد ٻيهر وارثن حوالي ڪيو هو جنهن بعد حسين مگسي ۽ حسن مگسي جي عدالت پاران ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ کين جيل حوالي ڪيو ويو جڏهن ته سندن دوست منتظر شاهه اڃا تائين روپوش آهي. ڌرين ۾ ٺاهه کانپوءِ مقتول جا وارث خون معاف ڪرڻ جو لکي ڏيندا ۽ ڪيس تان پڻ هٿ کڻندا. ذريعن موجب جوابدارن جي ضمانت تي آزاد ٿيڻ جا به امڪان آهن, جوابدار ڀائرن حسن ۽ حسين مگسي پاران ضمانت جي درخواست پڻ ڏني وئي آهي. هوڏانهن پوليس جي عدم دلچسپي سبب قتل ڪيس جي درست جاچ به نه ٿي, قتل ۾ ملوث سهولتڪارن ۽ استعمال ٿيندڙ گاڏين جو به پيو نه لڳايو ويو, جڏهن ته ايس ايس پي جي هدايت تي جوڙيل جي آئي ٽي جي رپورٽ به اڃا تائين پڌري نه ٿي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.