پني عاقل ۾ مغوين جي آزادي لاءِ شٽربند هڙتال، ايس ايس پي بدلي، ڌرڻو

پنوعاقل (رپورٽ: رستم انڍڙ)پني عاقل ۾ معصوم ٻارڙي مغوي محمد حسين آرائين، غلام حيدر دايو سميت اغوا ٿيل چئني مغوين جي بازيابي لاءِ سياسي سماجي  اڳواڻن پنوعاقل بار جي صدر وڪيل جمال ناصر بلو،اڳوڻو ايس پي عاشق بوزدار ، جي يو آئي ڳواڻ محمد صالح انڍڙ، شھيد ڀٽو جي نيڪ محمد ڪورائي، مير مبين بلو، خان بلو، ڊاڪٽر اسماعيل عباسي، ياسر بلو، وڪيل غلام سرور چاچڙ، غلام علي ڪمبوھه، سرافه بازار صدر ڌڻي بخش ميراڻي، مکي پرڀو مل وڪيل جميل احمد ڪورائي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سول سوسائٽي، شھرين ۽ دڪاندارن پاران ھزارين ماڻھن ريلي ڪڍي دعا چوڪ کان شھر جي مختلف چوڪن چوراھن ۽ بازارن کان ٿيندي سٽي ٿاڻي تي پهچي ڌرڻو ھنيو ويو، شھر ۾ شھرين پاران پاڻ مرادو دوڪان بند ڪري شٽربند هڙتال ڪري ريلي ۾ شريڪ ٿي ويا، جڏهن ٿاڻي تي احتجاجي ريلي پھتي ته ٿاڻي جي ميدان تي ماڻهن جو سمنڊ جو ڏيک ڏيڻ لڳو. ٻن ڪلاڪن جي ڌرڻي بعد ڊي ايس پي پنوعاقل قلندر بخش سومرو ۽ ٻين پاران ٿاڻي تي ڌرڻي ۾ موجود مغوي جي وارثن ۽ سول سوسائٽي جي اگواڻن سان ڳالهيون ڪيون ۽ پوليس پاران ھن وقت تائين ٿيل پروگريس مطابق  سول سوسائٽي جي اڳواڻن ۽ مغوي جي وارثن کي ٻڌائي ۽ راض ۾ رکڻ جو چيو ويو، جنهن کان پوءِ پوليس پاران مغوين جي وارثن کان 48 ڪلاڪن جي مھلت ورتي وئي مغوي ھر حال۾  ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪيا ويندا ، جنھن کانپوءِ اڳواڻن جي صلاح مشوري بعد ڌرڻو ختم  ڪري پوليس کي 48 ڪلاڪن جي مهلت ڏني وئي آھي.

  1. ملڪ انارڪي طرف وڃي رھيو آھي، ادارا هوش کان ڪم وٺن: محنتي

ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير اڳوڻي ايم اين اي محمد حسين محنتي چيو آھي ته ملڪ انارڪي طرف وڌي رھيو آھي   حڪمران ۽ رياستي ادارا ھوش کان ڪم وٺن. پنو عاقل ڇانوڻي جي شھر ۾ ڌاڙيلن جو ديده دليري سان گهر ۾ گهري ڌاڙو گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائڻ ۽ معصوم ٻارڙي محمد حسين کي اغو ڪرڻ جو واقعو سنڌ سرڪار جي منھن تي چماٽ ۽ سيڪيورٽي ادارن لاءِ لمحه فڪريه آھي. اھڙن خيالن جو اظھارھن خواتين ونگ  سنڌ جي مجلس شوريٰ کي خطاب ۽ ضلعي سکر جي جنرل سيڪريٽري مولانا امان الله تنيو جي قيادت ۾ ملاقات ڪندڙ وفد سان ڳالھائيندي ڪيو . هن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ اقليتي برادري پاڻ کي غير محفوظ سمجھي لڏپلاڻ ڪري رھي آھي.

  1. ڊي سي سکر پاران مغوي جي وارثن کي خاطري

پنوعاقل: شھر م گھر اندر ڌاڙي کانپوءِ اغوا ڪيل معصوم نينگر محمد حسن آرائين جي والد سان ڊپٽي ڪمشنر سکر ، اسسٽنٽ  ڪمشنر پنوعاقل جي ملاقات ،ڊي سي سکر محمد بخش ڌاريجو ، اسسٽنٽ ڪمشنر پنوعاقل ردا زھرا ٽالپر ۽ مختيارڪار شاھنواز چارڻ سان گڏجي مغوي نينگر جي والد اڪرم آرائين سان ملاقات ڪئي ،مغوي نينگر جي جلد بازيابي لاءِ پوليس اختياريون ڪوششن ۾ آھن جلد نينگر جي بازيابي عمل ۾ ايندي . ڊپٽي ڪمشنر سکر پاران وارثن کي خاطري ڪرائي وئي آهي،

  1. ايس ايس پي سکر عابد بلوچ بدلي، امجد علي شيخ مقرر

پنوعاقل: پني عاقل مان گھر ۾ ڌاڙو هڻي لکين روپين جي ماليت جو سامان ڦر ڪرڻ سميت معصوم ٻارڙي محمد حسين  آرائين کي اغوا ڪري وڃڻو واري عمل  بعد شھر جي سياسي سماجي اڳواڻن پاران شٽربند هڙتال ڪئي، جنهن بعد ايس ايس پي سکر عابد بلوچ بدلي ٿي ويو ۽  ايس ايس پي امجد علي شيخ کي ايس ايس پي سکر مقرر ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.