طارق بشير چيما ۽ زرتاج گل ۾ ڏند چڪ، ليگي اڳواڻ معافي گهري ورتي

اسلام آباد(م ڊ) مسلم ليگ ق جي اڳواڻ طارق بشير چيما پي ٽي آءِ ميمبر زرتاج گل کان قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ تلخ لفظن ڳالهائڻ تي  معافي گهري ورتي. ذريعن موجب زرتاج گل طارق بشير چيما جي معافي قبول ڪري ورتي، قومي  اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ٻنهي وچ ۾ تڪرار ختم ڪرايو. مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب اسپيڪر جو شڪريو ادا ڪيو، پي ٽي آءِ ميمبرن سميت سمورين پارٽين اسپيڪر جي ڪردار کي ساراهيو. قومي اسيمبلي ۾ طارق چيما تقرير دوران ٽوڪڻ تي زرتاج گل کي نامناسب لفظ چيا، جنهن تي سني اتحاد ڪائونسل ميمبرن احتجاج ڪندي طارق بشير جي رڪنيت معطل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو. اسپيڪر پاران راضي نامو ڪرائڻ بعد طارق بشير معافي ورتي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.