ايمنڊ بدناموسي ۽ پيڪا ترميمي بل رد ڪري ڇڏيا

لاهور (بيورو) ايسوسيئيشن آف اليڪٽرانڪ ميڊيا ايڊيٽرز اينڊ نيوز ڊائريڪٽرز (ايمنڊ) پنجاب حڪومت پاران تيار ڪيل بدناموسي واري بل ۽ وفاقي حڪومت جي پيڪا ترميمي بل کي رد ڪندي چيو آهي ته  اسٽيڪ هولڊرز  کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ تڪڙ ۾ منظور ڪيل ڪو به قانون اظهار جي آزاديءَ کي گهٽو ڏيڻ برابر هوندو. لاهور ۾ ايمنڊا جي جنرل باڊي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ ۾ آزادي صحافت جي موجوده صورتحال ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مسئلن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ چيو ويو ته ايمنڊ بدناموسي ۽ ڪوڙين خبرن جي خاتمي لاءِ قانون سازي جي مخالف ناهي پر ڪو به قانون ٺاهڻ کان اڳ نه رڳو اسٽيڪ هولڊرز کي اعتماد ۾ ورتو وڃي پر ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته اهڙو قانون اظهار جي آزادي جو تحفظ ڪري متاثر نه ڪندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.