غير يقيني صورتحال جا معيشت تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن\اسٽيٽ بئنڪ

ڪراچي(رپورٽر) اسٽيٽ بئنڪ چيو آهي ته غير يقيني واري سياسي صورتحال جا ملڪي معيشت تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن. اسٽيٽ بئنڪ اڱاري ڏينهن مالي سال 2024ع جي پهرين ڇه ماهي رپورٽ ” پاڪستان جي اقتصاديات جي حالت“ جي عنوان سان جاري ڪئي، جنهن ۾ جولاءِ کان ڊسمبر تائين جي مالي سال 2024ع جي  انگن اکرن جو تجزيو ڪيو ويو آهي. رپورٽ موجب حقيقي معاشي سرگرميون گذريل سال جي گهٽتائي کان معتدل طور تي بحال ٿيون، جڏهن ته آءِ ايم ايف سان عارضي بندوبست (SBA) جي مدد سان پرڏيهي کاتي تي دٻاءُ گهٽجي ويو. اسٽيٽ بئنڪ چيو آهي ته سال جي پهرين اڌ ۾ ملڪ جون معاشي حالتون بهتر ٿيون آهن، آءِ ايم ايف سان عارضي بندوبست (ايس بي اي) سان پرڏيهي اڪائونٽس تي دٻاءُ گهٽائڻ ۾ مدد ملي آهي پر معيشت کي ڍانچي جي رڪاوٽن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. مرڪزي بئنڪ موجب، درپيش وڏن مسئلن ۾ محدود بچت، جسماني ۽ انساني سرمائي ۾ گهٽ سيڙپڪاري، گهٽ پيداواري صلاحيت، مستحڪم برآمدات، ٽيڪس ادا ڪندڙن جو گهٽ تعداد ۽ سرڪاري شعبي جي ادارن جي غير فعالي شامل آهن.اسٽيٽ بئنڪ چيو آهي ته غير يقيني واري سياسي صورتحال جا ملڪي معيشت تي ناڪاري اثر پئجي رهيا آهن، سياسي ۽ پاليسي جي غير يقيني صورتحال ۾ بهتري ۽ مالياتي استحڪام کي هٿي وٺرائڻ سان مختصر مدي ۾ مهانگائي ۾ تيزي سان گهٽتائي اچي سگهي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.