غوثپور ( ن ع آ ) غوثپور ڀرسان 5 مھينا اڳ نامعلوم هٿياربندن هٿان اغوا ٿيل غوثپور واسي نوجوان ثناءُ ﷲ شيخ کي پوليس بازياب نه ڪرائي سگهي مغوي جا وارث سخت پريشان ڏوهارين پاران مغوي تي تشدد ڪري سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ڪري ڇڏي، مغوي ثناءُ ﷲ شيخ جي وارثن کان 5 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو، ڀنگ جي رقم نه ڏيڻ تان لاش موڪلڻ جي ڌمڪي ڏني وئي آهي، مغوي جي وارثن پاران پاڪ ڪتاب کڻي ڪچي واري علائقن ۾ گهمايو ڏوهارين کي پاڪ ڪتاب جا واسطا ڏيڻ تي مجبور ڏوهارين کي اپيل آهي ته هن پاڪ ڪتاب جا واسطا آهن ته اسان جي نوجوان کي بازياب ڪرايو وڃي .