خانپور(ن ع آ) خانپور ويجھو رحيم آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ نور محمد شجراع ۾ زمين ۽ پيسي جي ڏيتي ليتيءَ جي معاملي تان جوابدار ڀائرن ۽ ڀائٽين پنھنجي ڀاءُ کي قتل ڪري ڇڏيو ان موقعي تي سندس جي ڀائٽين معشوق ۽ محرم ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته جوابدار سندس جا ڀائر قمر دين ،ھاشم ۽ ڀائٽين مشتاق حفيظ پھوڙ ۽ ٻين پئسن ۽ ملڪيت جي تڪرار تان پنھنجي ڀاء محمد قاسم پھوڙ کي تشدد ڪري لاش کڏ ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا آھن اسان کي جيئن اطلاع مليو اسين پوليس ساڻ ڪري سندس جي ڳولھا ڪندي ڳوٺ ٻاھران کڏ ۾ چاچي جو لاش مليو جنھن کي قتل ڪري بي دردي سان ھٿ پير ٻڌي ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا، رحيم آباد پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته جوابدارن پئسن جي ڏيتي ليتيءَ تان ڀاءُ کي تشدد ڪري کڏ ۾ ڦٽو ڪري فرار ٿي ويا جنھن جي جاچ ڪري رھيا آھيون ۽ ھڪ جوابدار ھاشم پھوڙ کي گرفتار ڪيو آھي ٻين جي گرفتاريءَ لاءِ ڪوششون ڪري رھيا آھيون جڏھن ته پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر جھانگير جو چوڻ ھو ته تشدد جا نشان نه مليا آھن مقتول جا ھٿ پير ٻڌل ھئا ممڪن آ مقتول جو ساھه ٻوساٽجڻ سبب موت واقعي ٿيو آھي.