شڪارپور ( ن ع آ ) ڳڙھي ياسين ٿاڻي جي حد ڳوٺ صادق شر ۾ گذريل رات جوابدار نادر شر ۽ ٻين پنهنجي ساٿين جي مدد سان پنھنجي شادي شده ڀيڻ مسمات بشيران ڌيءَ غلام رسول شر کي پنھنجي ئي برادري جي نوجوان اسد شر سان ڪارنھن الزام ھيٺ فائرنگ ڪئي ، گوليون لڳڻ سبب مسمات بشيران موقعي تي قتل ٿي وئي ، جڏهن ته نوجوان اسد شر سخت زخمي ٿي پيو، جنهن کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ لاڙڪاڻو ٽراما سينٽر ريفر ڪيو ويو، نوجوان جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي ، هوڏانهن زخمي اسد شر جي وارثن جو چوڻ هو ته اسد شر ڪرائي تي موٽرسائيڪل هلائيندو آھي ، ان ڪري جوابدار سڪندر شر پاڻ فون ڪري اسد کي چيو ته اسان جي ڀيڻ بشيران کي شھر مان کڻي ڳوٺ پهچاءِ، جيئن هو عورت کي کڻي ڳوٺ پهچائڻ پئي ويو ته ڳوٺ ٻاهران تاڙ ۾ بيٺل سڪندر ۽ نادر شر وارن فائرنگ ڪئي، هنن چيو ته سڪندر شر جي موبائل ڪال رڪارڊنگ موجود آھي ۽ اهڙو بيان زخمي اسد ايس ايڇ او کي رڪارڊ ڪرايو آھي، هنن چيو ته اسان جو ڇوڪرو ڏوهي هجي ها ته هو رات جو عورت کي ڳوٺ ڇو کڻي اچي ها، هنن چيو ته جوابدارن هڪ سازش تحت پنهنجي ڀيڻ تي ڪوڙو ڪارنهن جو الزام هڻي قتل ڪري اسان جي ڇوڪري کي به مارڻ چاهيو ، هنن گهر ڪئي ته اهڙي واقعي جي شفاف انڪوائري ڪرائي وڃي ، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.