وڏي وزير پني عاقل ۾ ٻار اغوا ٿيڻ جو نوٽيس ورتو، رپورٽ طلب

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پنو عاقل مان ٻارڙي جي اغوا جو نوٽيس ورتو. پوليس کي حڪم جاري ڪيو ويو ته ٻارڙي کي فوري طور بازياب ڪري رپورٽ پيش ڪئي وڃي.صوبائي وڏي وزير آءِ جي پوليس کان سوال ڪندي چيو ته جڏهن ڌاڙيل گهر ۾ داخل ٿيا ته مقامي پوليس ڪٿي هئي؟  مون ڪيترائي ڀيرا هدايتون ڏنيون آهن ته گشت وڌايو وڃي.سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان عبدالرشيد چنا جو چوڻ آهي ته وڏي وزير آءِ جي پوليس کان واقعي جي تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي ۽ هدايتون جاري ڪيون آهن ته پوليس  ڏوهن جي روڪٿام لاءِ روزاني جي بنياد تي سي ايم سيڪريٽريٽ کي رپورٽ پيش ڪري. سندس چوڻ آهي ته پوليس کي گهرجي ته ٻارڙي جي والدين سان رابطي ۾ رهي ۽ ٻارڙي جي بازيابي کانپوءِ فوري طور رپورٽ ڪري. ان کان علاوه پوليس گشت بهتر ڪرڻ جي به هدايت ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.