سلو ويڪيا جي وزيراعظم تي قاتلاڻو حملو، سخت زخمي، هڪ ڄڻو گرفتار

براتسلاوا ( م ڊ ) سلو ويڪيا وزيراعظم رابرٽ فيڪو قاتل حملي ۾ زخمي ٿي پيو،  سلو ويڪيا جي گهرو وزارت جي ترجمان وزيراعظم رابرٽ فيڪو جي قتل جي تصديق ڪئي آهي. مقامي ميڊيا موجب وزيراعظم رابرٽ فيڪو تي 4 گوليون فائر ڪيون ويون، هڪ گولي وزيراعظم رابرٽ جي پيٽ ۾ لڳي، شڪ ۾ هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

  1. عمران سان ڳالهين ذريعي ئي ملڪ ۾ استحڪام ايندو:پرويز الاهي

لاهور ( م ڊ ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير ۽ پي ٽي آءِ جي صدر چوڌري پرويز الاهي چيو آهي ته عمران خان سان ڳالهين جي صورت ۾ ئي پاڪستان جون سياسي ۽ معاشي حالتون درست ٿي سگهن ٿيون.احتساب عدالت ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي پرويز الاهي چيو ته سموريون سياسي پارٽيون پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن ته ملڪ ۾ استحڪام ايندو. عام چونڊن بعد ضمني چونڊن ۾ به عوام ن ليگ کي رد ڪري ڇڏيو. هن چيو ته فارم 47 واري حڪومت عوام کي قبول ناهي.هڪ سوال تي چوڌري پرويز الاهي چيو  ته عمران خان جي آزادي جو خوف جعلي حڪمرانن کي سک سان ويهڻ نه ڏئي رهيو آهي. نااهل حڪمران عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي ٻين اڳواڻن کي ڪيستائين جيل ۾ رکندا؟ اهي سڀ جلد ئي عوام جي وچ ۾ هوندا. پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چيو ته هر مسئلي کي ڳالهين ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو. مسلم ليگ ن سنجيده ڳالهين لاءِ تيار ناهي. مسلم ليگ ن اندر هن وقت ٻه ڳالهيون هلي رهيون آهن. هڪ بيانيو ڳالهين جي حق ۾ آهي ۽ ٻيو حڪمران طبقي جي حق ۾ آهي جيڪو ڳالهين کان فرار ٿي رهيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.