حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ ڪٻاڙي جي دڪان تي رکيل گئس سيلينڊر مان گئس ليڪ ٿيڻ ڪري 13 ٻارڙا بيهوش ٿي ويا. ذيل پاڪ ڪالوني لڳ ڪٻاڙي جي دڪان تي رکيل گئس سلينڊر ليڪ ٿيڻ سبب 13 ٻارڙا بيهوش ٿي ويا، جن کي علاج لاءِ سول اسپتال منتقل ڪرايو ويو، جتي سندن حالت بهتر ٻڌائي پئي وئي، جڏهن ته ڪٻاڙي مالڪ فرار ٿي ويو. ٻڌايو پيو وڃي ته ذيل پاڪ لڳ اقبال شاھه ڪالوني ۾ موجود هڪ ڪٻاڙي جي دڪان ۾ پيل سلينڊر مان اوچتو گئس ليڪ ٿيڻ سبب علائقي جا 13 ٻارڙا بيهوش ٿي ويا ۽ علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو، جڏهن ته بيهوش ٿيل ٻارڙن کي پهرين مختلف اسپتالن ۽ بعد کين سول اسپتال منتقل ڪرايو ويو. جتي آندل ٻارن کي مختلف وارڊن ۾ داخل ڪري سندن علاج ڪيو ويو، سول اسپتال پهتل ٻارڙن ۾ ملڪان، شهريار، بختاور سميت ٽن کان 8 سالن جا ٻارڙا شامل آهن، ڊاڪٽرن موجب ٻارن جو گهربل علاج ڪيو پيو وڃي ۽ سندن حالت خطري کان ٻاهر آهي، ٻئي طرف سائيٽ پوليس واقعي بعد ڪٻاڙي جي دڪان تي ڇاپو هنيو، پر دڪاندار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. جنهن کانپوءِ پوليس ڪٻاڙي جي دڪاندار جي مائٽن کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو, رات دير تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو هو.