سنڌ ۽ پنجاب جي اڪثر شهرن ۾ شديد گرمي جو خطرو

ڪراچي ( رپورٽر ) نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ۽ نيشنل ايمرجنسي آپريشنز سينٽر (اين اي او سي) مئي ۽ جون جي مهينن ۾ سخت گرمي ۽ هيٽ ويو جي لهر جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جڏهن ته پنجاب ۽ سنڌ جا مختلف ضلعا گرمي جي لهر جي خطري کي منهن ڏئي رهيا آهن.اين ڊي ايم اي جي اڳڪٿي موجب سنڌ ۾ عمرڪوٽ، ٿرپارڪر، ٽنڊوالهيار، مٽياري ۽ سانگهڙ جا ضلعا جڏهن ته پنجاب جا بهاولپور ۽ رحيم يار خان ضلعا گرمي جي لهر جي خطري ۾ آهن، جڏهن ته گرمي جي لهر انسانن ۽ ٻين جاندارن کي به متاثرڪري سگھي ٿو. اين ڊي ايم اي موجب 15 کان 30 مئي دوران گرمي پد 40 ڊگري تائين وڃڻ جو امڪان آهي،

وڌيڪ گرمي جي لهر جي لهر سبب پهرين هيٽ ويو اسپيل جو امڪان آهي. پهريون اسپيل 2 کان 3 ڏينهن تائين هلندو جڏهن ته ٻيو اسپيل مئي جي آخر ۾ 4 کان 5 ڏينهن تائين هلندو.اين ڊي ايم اي موجب جون جي مهيني ۾ گرمي پد 45 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃڻ جو امڪان آهي، جنهن سبب جون جي پهرين 10 ڏينهن دوران ٽين گرمي جي لهر اچڻ جو امڪان آهي، جنهن سان ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، سانگهڙ، بدين، خيرپور متاثر ٿيندا. ٽيون اسپيل 3 کان 5 ڏينهن تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.