دبئي ۾ پرڏيهين جي 400 ارب ڊالرن جي ملڪيت سميت پاڪستاني شخصيتن جي 12 ارب ڊالرن جي ملڪيتن جو انڪشاف ٿيو آهي. اهڙين شخصيتن ۾ دنيا جي ڪيترين ئي سياسي، حڪومتي، عملدارن ۽ رٽائرڊ سرڪاري آفيسرن جا نالا ظاهر ٿي ويا. او سي آر بي جي رپورٽ ۾ عالمي اشرافيا جي ملڪيتن جا تفصيل ظاهر ٿيا آهن رپورٽ موجب گڏيل عرب امارتن جي شهر دبئي ۾ ملڪيتون خريد ڪندڙ پرڏيهين ۾ پاڪستان ٻئي نمبر تي موجود آهي. 17 هزار پاڪستانين دبئي ۾ 23 هزار ملڪيتون خريد ڪيون آهن. پراپرٽي ليڪس ۾ صدر آصف علي زرداري جي ٽنهي ٻارن، گهرو وزير محسن نقوي جي گهر واري، اڳوڻي جنرل ۽ صدر پرويز مشرف، اڳوڻي وزيراعظم شوڪت عزيز، شرجيل انعام ميمڻ، شير افضل مروت، فيصل واوڊا، فرح گوگي، رٽائرڊ جنرلن، ڪرنلن جا نالا شامل آهن.
انهيءَ مالي اسڪينڊل ۽ ملڪيتن جا جيئن جيئن تفصيل ظاهر ٿيندا ويندا تيئن تيئن ان معاملي جي حقيقي صورتحال نروار ٿيندي ويندي. في الحال ته ان کي هڪ ڇرڪائيندڙ اسڪينڊل طور ڏٺو وڃي ٿو خاص ڪري پاڪستان جي موجود معاشي صورتحال ۾ ان مالي اسڪينڊل کي ابتدائي طور تي خراب ۽ غصي وارين نظرن سان ڏٺو وڃي ٿو. ڇاڪاڻ ته عام طور تي پهريون تاثر اهو ورتو وڃي ٿو ته هڪ پاسي پاڪستان شديد مالي بحران جو شڪار آهي، ذري گهٽ ڏيوالي مان بچي نڪتو آهي، آءِ ايم ايف ۽ ٻين ملن کان قرض وٺي هنگامي بنيادن تي معاشي صورتحال بهترين ڪرڻ جي بظاهر ڪوششن ۾ آهي ته ٻئي پاسي 12 ارب ڊالرن جون ملڪيتون دبئي ۾ خريد ڪري رکيون ويون آهن. اهي ملڪيتون جائز آهن يا نه يقينن هاڻي ان جي جاچ جو سوال اڀرندو جيڪو اڀري چڪو آهي ۽ انهن خريد ڪيل ملڪيتن ۾ ملوث ملڪي شخصيتن وضاحتون ڏيڻ به شروع ڪيون آهن ته اهي جائز، قانوني آهن ۽ ٻيو ته اسان جا اثاثا ڊڪليئر ٿيل آهن.
سو ڪجهه به هجي پر ان مالياتي اسڪينڊل سان نئون پينڊورا باڪس ضرور کولي ڇڏيندو آهي. جيئن مٿي ڄاڻايل ويو آهي ته ايئن به ناهي ته ڪو رڳو پاڪستاني شخصيتن جو اهو مالي اسڪينڊل آهي پر دبئي ۾ ڀارت سميت ڪيترن ئي ملڪن جي وڏين شخصيتن جون ملڪيتون خريد ٿيل آهن پر پاڪستان جي حوالي سان اهو بهرحال بيحد حساس ۽ ڳڻتي جوڳو معاملو آهي. جيستائين ان مالي اسيڪنڊل جي غير جانبداراڻي جاچ نه ٿيندي تيستائين شڪ شبهي جا نت نوان داستان پيدا ٿيندا رهندا جن جو ذاتي طور ان مالي اسيڪنڊل ۾ ملوث شخصيتن کي ته نقصان ٿيندو ئي ٿيندو پر ان سان ملڪ جي معاشي صورتحال تي به وڏو اثر پئجي سگهي ٿو.
ڪن تجزيي نگارن اهو به خدشو ڏيکاريو آهي ته ان سان ملڪ اندر ايندڙ سيڙپ ڪاري کي به ڪاپاري ڌڪ لڳي سگهي ٿو. پاڪستان اندر اڳ ۾ ئي سيڙپ ڪاري جو ماحول سازگار ناهي ويتر هيءُ مالي اسڪينڊل سيڙپ ڪاري جي ماحول کي شڪي پڻ بڻائي سگهي ٿو. سيڙپ ڪار هاڻي سوچي سگهن ٿاته جيڪڏهن ملڪي شخصيتون ئي پنهنجي پيسي کي ملڪ اندر رکڻ کي محفوظ نه ٿيون سمجهن ۽ دبئي توڙي ٻين ملڪن جي بينڪن ۾ پيسا رکن ٿيون يا ملڪيتون خريد ڪرڻ جي آڙ ۾ پيسا بچائي رکن ٿيون ته اسان ڪيئن ان ملڪ اندر سرمايو لڳائڻ جو خطرو کڻون. ان حوالي سان اهي به اڻ تصديق ٿيل رپورٽون آهن ته سعودي عرب جيڪو ملڪ اندر سيڙپڪاري جا معاهدا ڪرڻ گهري پيو ۽ ان ذريعي پاڪستان جي معاشي مدد ڪرڻ چاهي پيو سو ئي محتاط ٿي ويو آهي ۽ فوري طور تي سرمائيڪاري کان لهرائي رهيو آهي.
سو جيڪڏهن هن مالي اسيڪنڊل سان ملڪ ايندڙ سيڙپ ڪاري کي ڪو ڌڪ رسائي ٿو ته اها ملڪ جي هڪ وڏي بدقسمتي سمجهي ويندي. ان ڪري اهو به ممڪن آهي ته ان مالي اسيڪنڊل کي اسٽيبلشمينٽ سنجيده وٺي ۽ ڪي سخت فيصلا ڪري ڇاڪاڻ ته پاڪستاني اسٽيبلشمينٽ ڪافي وقت کان سڌوسنئون معاشي معاملن ۾ هٿ وڌو آهي ته جيئن ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍي وٺجي. اها اسٽيبلشمينٽ ان مالي اسيڪنڊل کي ڪيئن منهن ڏيندي اهو وقت ٻڌائيندو.
-
معصوم ٻارن کي اغوا ڪرڻ وارو هي لاڙو برداشت نه ڪبو
ڪنڌڪوٽ ۾ معصوم ٻار اياز جي اغوا کان پوءِ هاڻي وري ڏوهارين پني عاقل ۾ گهر مان لکين روپين جو ڌاڙو هڻڻ کانپوءِ معصوم ٻارڙي کي به اغوا ڪري ويا آهن رپورٽن موجب هٿياربندن مهراڻ ڪالوني ۾ هڪ واپاري اڪرم آرائين جي گهر ۾ داخل ٿي گهر ڀاتين کي يرغمال بڻائي سون، روڪ رقم ۽ موبائل فونون ته کڻي ويا پر ظالمن معصوم ٻار کي به نه بخشيو، ننڊ ۾ ستل ڇهن ورهين جي ٻالڪ حسين کي اغوا ڪري کڻي ويا.
ان معصوم ٻار جي اغوا کان پوءِ ڇا حالت هوندي ۽ سندس وارثن جي ڇا ڪيفيت هوندي تنهن جو تصور به نه ٿو ڪري سگهجي. اهي ناقابل برداشت واقعا ۽ صدما هوندا آهن، ڪاش اهڙي قيامت ڪنهن به ٻار ۽ انجي ماءُ پيءُ مٿان نه اچي. معصوم ٻاررو ڪهڙي حالت ۾ هوندو، کيس ڪيڏو خوف ٿيندو هوندو، هو ڪيڏو پريشان هوندو، ڪيترو رنو هوندو، ڪيئن ته ماءُ پيءُ کي دانهون ڪري پڪاريندو هوندو. تنهن جو تصور ڪرڻ پاڻ کي جيئري مارڻ برابر ئي آهي.
اسان اميد ٿا ڪريون ته حڪومت ۽ مقامي انتظاميا ان معصوم ٻار جي آزادي کي يقيني بڻائڻ جي هر ممڪن ڪوشش ڪندي هوندي جيڪڏهن نه ته پوءِ ان کي پنهنجي دل تي هٿ رکي ان معاملي جي حساسيت کي ڏسڻ گهرجي ته جيڪڏهن اهڙو واقعو سندن پنهنجي معصوم ٻار سان ٿئي ته سندن ڪهڙي حالت هوندي.
اسان کي اهو به خدشو آهي ته ڏوهارين هٿان معصوم ٻار کي اغوا ڪرڻ جو اهو لاڙو نه پيدا ٿي پوي ته ٻار اغوا ڪبو ته جلد ڀنگ ملي ويندو. اسان ان لاڙي کي ڪنهن ريت به برداشت نه ڪنداسين. حڪومت ۽ انتظاميا کي اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ سخت انتظام ڪرڻا پوندا ٻي صورت ۾ عوام حڪومت ۽ انتطاميا جو سخت گهيرو ڪندو يا پاڻ ڏوهارين سان بگٽين وانگر مقابلا ڪرڻ لاءِ نڪري پوندو. اهڙي نوبت اچڻ کان اڳ حڪومت ڏوهارين جو گهيرو تنگ ڪري سندن نيٽ ورڪ کي نابود ڪري ڏيکاري.