گذريل ڪجھه سالن کان سڄي دنيا اندر موسمياتي تبديليون اچي رهيون آهن. پاڪستان به انهن تبديلين جي اثر ھيٺ آھي. هاڻ پاڪستان جي موسم به حد کان وڌيڪ گرم ٿي رهي آهي پر ان باوجود دنيا جي ڀيٽ ۾ پاڪستان اندر ماحولياتي سوال کي اڃان تائين سنجيده طور ناهي ورتو ويو توڙي جو دنيا جي ڀيٽ ۾ اسان وٽ قدرتي آفتون جن ۾ ٻوڏون، ڏڪار، زلزلا ۽ طوفاني برساتون اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ۽ هرهر اچي رهيون آهن. هن موسمي تبديليءَ جو سڌو سنئون اثر زرعي پيداوار تي پيو آهي. برساتن جي گھٽتائي ۽ واڌ يا سخت گرمي يا سخت ٿڌ فصلن کي نقصان پهچائي رھي آهي ۽ اسان جي هاريءَ کي اھڙي موسمي تبديلين جي ڄاڻ نه ھئڻ سبب نقصان رسي رهيو آھي. خاص طور سنڌ ۽ بلوچستان جو هاري ، حڪومتي بي ڌياني ۽ عام ماڻهن ۾ ان طرف سجاڳي گهٽ هئڻ ڪري اهڙن اڳرن اثرن کي وڌيڪ ڀوڳي ٿو . ويجهڙائي وارن سالن تي نظر ڦيرائي ڏسجي ته سال 2010ع کان 2014ع تائين ٻوڏ ۽ تازو سال 2022ع جي طوفاني برساتن تباهيءَ جا اڳوڻا سمورا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن . سال 2010ع جي ٻوڏ سنڌ ۽ بلوچستان جي تاريخ جي بدترين آفت هئي.
موسمياتي تبديلي جي ڪري هونئن ته هر سطح تي نقصان پهچي ٿو پر زراعت سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ شعبن مان هڪ آهي. گذريل ڪجھه سالن جا انگ اکر ٻڌائن پيا ته ملڪ اندر زرعي پئداوار جيئن پوءِ تيئن گهٽجندي پئي وڃي. جنهن کي نظر ۾ رکندي چيو ويو آهي ته پاڪستان ۾ موسمياتي تبديلين سبب سال 2040ع تائين مجموعي زرعي پيداوار ۾ اٺ کان ڏھ سيڪڙو گهٽتائي ايندي. اهڙي صورتحال کي اسين هر ايندڙ سال ڪڻڪ ۽ اٽي ۽ کنڊ جي بحران واري صورتحال ۾ ڏسي سگهون ٿا ساڳي صورتحال چانورن سميت ٻين زرعي جنسن جي کوٽ ۽ پراڻين مقامي جنسن جي اڻ لڀ ٿيڻ واري صورت ۾ به ڏسي سگهون ٿا.نه صرف زراعت پر آبي ۽ جهنگلي جيوت کي پڻ وڏو نقصان رسيو آهي جنگلي جانورن جون ڪيتريون ئي جاتيون ۽ آبي جيوت پنهنجي بقا جي آخري حد تي اچي ويون آهن.
گرميءَ جي شدت ۾ واڌ سبب هر سال قيمتي جانيون پڻ ضايع ٿي رهيون آهن. ان باوجود ڪا حڪومت اثرائتي حڪمت عملي جوڙيندي نظر نٿي اچي. ماهرن جو چوڻ آهي ته موسمياتي تبديليءَ جي اثرن کان بچڻ لاءِ وڻ پوکڻ ئي آسان حل آهي. پاڪستان جي 5 سيڪڙو ايراضيءَ تي ٻيلا آهن، جڏهن ته هڪ سرسبز ملڪ لاءِ پنهنجي ايراضيءَ جي 25 کان 35 سيڪڙو تي ٻيلن جو هجڻ ضروري آهي پر افسوس جوڳي ڳالھه اها آهي ته موجود وڻن کي به ڪٽيو پيو وڃي. درياهن جي ڪنارن تي لڳل وڻ ٻوڏ جي روڪ ٿام جو بهترين ۽ قدرتي وسيلو آهن، پر هتي به اسان انهن وڻن کي گهٽ هئڻ باوجود ڏسندي ڏسندي وڍي ڇڏيون ٿا. هر سال هزارين ايڪڙ زرعي زمين، رهائشي گهر، چوپايو مال ۽ انساني جانيون ٻوڏ سبب متاثر ٿينديون آهن، پر اسان وٽ پرڏيهي امداد جي آڌار تي بچاءُ جا اپاءَ نٿا ورتا وڃن .
موسمياتي تبديليون يا ماحولياتي سوال ھڪ سنجيده موضوع آھي جنھن ڏانھن ڌيان ڏيڻ کانسواءِ معاملا ويتر خراب ٿيندا. سنڌ اندر صورتحال اھا آھي جو پاڻي جي شديد کوٽ آهي، مٺو پاڻي اڻلڀ آھي، مڇين جي افزائش ڪندڙ، سامونڊي طوفانن کي روڪيندڙ، سامونڊي پٽي جي ماڻھن جي لاءِ روزگار جو ذريعو رھندڙ "تمر جا ٻيلا” ختم ٿيڻ تي پھتا آھن. اھو وڻ اتي وڌندو آهي جتي مٺو ۽ کارو پاڻي گڏجي، پر ورھين کان درياھ سڪايو ويو آھي سمنڊ تائين مٺو پاڻي پھچڻ ئي نٿو ڏنو وڃي. ڊيلٽا کي هٿرادو تباھ ڪيو ويو آهي ، ڊيلٽا جي ماڻهن جي حالت جنگي قيدين کان به بدتر آھي، ڊيلٽا ھن وقت آخري پساھن ۾ وينٽيليٽر تي پيل آھي. ھڪ اندازي موجب سمنڊ سنڌ جي 42 لک ايڪڙ زمين ڳڙڪائي چڪو آهي. سنڌو درياهه هزارين سالن پنهنجو وجود ٺاهيو ۽ بچايو پئي آيو جنھن کي 76 سالن جي عرصي ۾ ڊيم اڏي، ڪئنال ڪڍي درياھ کي سڪائي تباھ ڪيو ويو آهي .
ھتي بنا ڪنهن رٿابندي جي شهري آبادي وڌي رهي آهي، ڪو به ماسٽر پلان ناهي، شھري آبادين جي ڪري پاڻيءَ جون قدرتي گذر گاهون بند ڪيون ويون آهن، جنهن جي ڪري درياھ ۾ ايندڙ ٻوڏ ھاڻ شهرن ۾ ڪاهي پئي ٿي. شهر ڪنڪريٽ جو ٻيو بڻجي ويا آهن، ھر ڪنسٽرڪشن کي ترقيءَ جو نالو ڏنو پيو وڃي، ذرعي زمينن کي بلڊوز ڪري فصلن کي تباھ ڪري، ناياب وڻ وڍي، ميگا پراجيڪٽ ۽ ھائوسنگ اسڪيم ٺاھي ماحول کي تباھ ڪيو پيو وڃي. گرمي پد ۾ هر سال اضافو ٿي رهيو آهي. يقينن ماحول ۽ موسمياتي تبديلين جي ڪري سموري دنيا ڳڻتي ۾ ورتل آھي. جنھن ڪري دنيا ۾ گرمي پد وڌڻ سان غيرمعمولي تبديليون ٿي رھيون آھن پر پاڪستان ۾ ان پاسي کي مڪمل طور نظرانداز ڪيو ويو آھي، جنھن جا خطرناڪ نتيجا سامھون اچي رھيا آھن.
موسمياتي تبديليءَ جو مکيه ڪارڻ گرين هائوسز آهن، زمين جي چوڌاري ڪجهه گئسون گرين هائوس ۾ شيشي وانگر ڪم ڪنديون آهن، سج جي گرمي کي جذب ڪندي ان کي خلا ۾ واپس وڃڻ کان روڪينديون آهن ۽ گلوبل وارمنگ جو سبب بڻجنديون آهن. انهن مان ڪيتريون ئي گرين هائوس گيسون قدرتي طور تي ٿينديون آهن، پر صنعتي دور جي شروعات کانپوءِ ڌرتي جي پيٽ ۾ پوريل فاسل فيول يعني تيل ،ڪوئلي، گيس وغيره کي انسان ساڙڻ شروع ڪيو، زراعت ۾ دوائون استعمال ڪيون، پلاسٽڪ جو استعمال ڪيو ۽ ايئن ڪاربان ڊائي آڪسائيڊ، ميٿين ، بليڪ ڪاربان وغيره جهڙيون گيسون ماحول ۾ گڏ ٿي هاڻي اضافي سج جي توانائي کي قيد ڪري گرمي پد کي اضافي طور وڌائي رهيون آهن. سيمينٽ، لوهه، اسٽيل، اليڪٽرانڪس، پلاسٽڪ، ڪپڙا ۽ ٻيون شيون ٺاهڻ لاءِ توانائي پيدا ڪرڻ لاءِ ڪارخانن ۾ فوسل فيول ساڙڻ سان گيس خارج ٿئي ٿي. صنعتي عمل گيس خارج ڪن ٿا. پيداواري عمل ۾ استعمال ٿيندڙ مشينون اڪثر ڪري ڪوئلي، تيل يا گئس تي هلنديون آهن ۽ ڪجهه مواد، جهڙوڪ پلاسٽڪ، فوسل فيول مان نڪتل ڪيميائي مادن مان ٺهيل هونديون آهن. پيداواري صنعت دنيا جي موسمي تبديليءَ ۾ سڀ کان وڏو حصو وٺندڙن مان هڪ آهي. سائنسدانن مطابق 19هين صديءَ جي شروعات کان وٺي هن وقت تائين 1C يعني هڪ سيلسيس تائين ڌرتي جو مجموعي گرمي پد وڌيو آهي ۽ جيڪڏهن سخت ماحولياتي اپاءَ نه ورتا ويا ته 2052ع تائين اهو 1.5C تائين ٿي ويندو.
ماحوليات جو مسئلو هن وقت ڌرتي ۽ خاص طور انسان لاءِ ڪجھه ڪرڻ يا ختم ٿي وڃڻ جي حد تائين اچي پهتو آهي. انسان کي پھنجي بقا لاءِ ماحولياتي ۽ موسمياتي تبديلن کي منھن ڏيڻو آھي، ھن وقت غربت، بک بدحالي ۽ دھشت گردي وانگر ھڪ تمام وڏو مسئلو ماحولياتي تبديليءَ جو به آھي. ماحوليات جي موضوع بابت ڄاڻ جي لاءِ ، وقت جي گھرج آھي ته اھو موضوع تعليمي نصاب جو حصو ڪيو وڃي، جيئن ان بابت ابتدا ۾ شاگردن کي ان جي معلومات ملي سگھي ۽ انھن وٽ ماحولياتي تبديلين جي ڪري ٿيندڙ اثرن کان تحفظ کي ممڪن بڻائڻ ۾ مدد ملي سگھي، جيڪڏھن ھاڻي به ماحولياتي سوال کي نظرانداز ڪيو ويو ته ان جو وڏو نقصان ڀوڳڻو پوندو. اهو ضروري آهي ته عام ماڻهو ، ڪميونٽي ۽ پاليسي ساز گڏجي ڪم ڪن ته جيئن ان مسئلي کي حل ڪيو وڃي ۽ ماحولياتي سوال کي حل ڪندي پائيدار مستقبل کي يقيني بڻايو وڃي.