ملڪ ۾ هر سال لڳ ڀڳ 30 ملين ٽن ڪڻڪ استعمال ٿئي ٿي، مقصد ته کاڌي وڃي ٿي، ان جاءِ تي 2023 ۾ صرف 26.2 ملين ٽن گهرو پيداوار ٿي ۽ باقي رياست کي ٻين ملڪن کان گهرائڻي هئي، جنهن ۾ گهڻي ۾ گهڻي ڪڻڪ آمريڪا کان ورتي ويندي آهي، پر هيل ته يوڪرين مان سستي ڪڻڪ گهرائي رکين، ان ڪري ته ڪاڪڙ جي دور ۾ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪڻڪ سستي هئي ۽ هنن کي وارو لڳي ويو. پر ان کانپوءِ ڪڻڪ جي قيمتن ۾ آهستي آهستي اضافو ٿيندو رهيو، پر اگھه وري مستقل رهيا ۽ هڪ هنڌي بيهي ويا پر وڌندا نه ۽ نه ئي پر پوئتي موٽ کاڌن، نتيجي ۾ شهرن ۾ ماڻهن جون ڊگهيون قطارون ڪڻڪ (اٽي) خريد ڪرڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويون.
نيشنل فوڊ سيڪيورٽي اينڊ ريسرچ واري وزارت جي انگن اکرن موجب سيپٽمبر 2023 کان مارچ 2024 جي وچ ۾ عالمي منڊي مان 3.5 ملين ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ پاڪستان ۾ امپورٽ ڪئي وئي، جڏهن قيمتون تمام گهٽ هيون ۽ اگهن ۾ سامت هئي. وري اها به حقيقت آهي ته قومي ۽ صوبائي خوراڪ اسٽوريج وارن کاتن وٽ 4.3 ملين ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ پنهنجي اسٽاڪ ۾ موجود هئي. پر بدقستي سان شهرن ۾ اٽي حاصل ڪرڻ ۽ دوڪانن (يوٽليٽي اسٽورز) تائين پهچڻ جي ڪوشش ۾ ماڻهو ميڙن ۾ دٻجي مري ويا، جنهن جا مثال اسان گذريل سال ڏٺاسين.
حيرت اها به آهي ته جتي ڪنزيومر ڏچي ۾ هيو، اتي وري گروور (هاري) به مزي ۾ نه هيو ۽ نه ئي آهي. ڇو ته هيل پنجاب جي هارين 28 سو روپيا في مڻ ڪڻڪ کپائي، جيڪا ڪڻڪ شهرن ۾ 3000 روپين ۾ اڌُ مَڻ به نه ٿي ملي. ان مان صاف ظاهر آهي ته هي ساڳا ئي حڪمران آهن جيڪي ايڪسپورٽر به پاڻ هوندا آهن ۽ امپورٽر به پاڻ، معني وٺن به پاڻ ۽ کپائن به پاڻ. پر نتيجي ۾ کائڻ وارو ۽ پوکڻ وارو عذاب ۾ آهي ۽ مسلسل رهي ٿو. ساڳو مثال ڪمند جي پوک جو به وٺي سگهجي ٿو ته جيڪو ڪمند 425 روپيا مڻ ٿو هلي جو 425 ۾ کنڊ جا ٻه ڪلو به نه ٿا ملن. ان مان مراد ته جيڪو پروسيسر آهي اهو ڪمائي ٿو، جيڪو واپاري آهي اهو ئي مزي ۾ آهي باقي پوکاري وري به عذاب ۾. پر حڪومت کي ان ڳالھه جو ڌيان ناهي ته ٿئي ڇا ٿو ۽ ڪجي آخر ڇا؟ ان ڪري ته شين ۾ جيڪڏهن توازن ناهي ته معاشرو ۽ عام ماڻهو ڏچي ۾ آهي. پر حڪومت کي ان ڳالھه سان سروڪار ناهي، انهن کي رڳو زرمبادلا جا ذخيرا، ڊالرز جي هيٺاهيون مٿانهيون، سون جي لاھ چاڙھ، اسٽاڪ ايڪسچينج جي لاھ چاڙھ (جوا) سان مطلب آهي، باقي ملڪ ملير لڳو پيو آهي.
اسلام آباد ۾ ويٺل حڪومتي عملدارن کي ان ڳالھه جي پڪ هئي ته هيل به ساريالي فصل وانگي ربيع (ڪڻڪ) جو فصل به مري پوندو ۽ فصل بمپر نه لهندو ۽ جيڪي 30 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ٻاهران اچي ٿي اها کوٽ پوري نه ڪري سگهندي، ان ڪري عارضي وزيرن (جن ۾ ڪاڪڙ صاحب) سرفهرست هيو) انهن جي ملي ڀڳت سان اهي سڀ ماڻهو يا اعليٰ آفيسر ۽ امپورٽر پنهنجو ڪم ڪري ويا پر عوام وري به ڏچي ۾. حيرت اها به آهي هڪ موبائيل جي سم ايڪٽيويٽ ڪرائڻ لاءِ يا ساڳي ڊپليڪيٽ سم ڪڍرائڻ لاءِ به جتن ڪرڻا ٿا پون، جو موبائيل جي سم نادرا جي وري ”ٿمب امپريشن“ کانسواءِ نڪري نه ٿي يا بئينڪن کان هڪ لک رڳو غلطي ۾ قرض وٺجي ٿو ته مٿو ڦيرائي ٿا رکن. يا ڳوٺن کان جيڪي شهرن ڏي يا شهرن کان ڳوٺ ڏي جي ڇٺي ڇماهي سفر ڪن ٿا انهن جي گاڏين کي ڏھ ڏھ دفعا قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جا اهلڪار چيڪ ٿا ڪن، تڏهن وڃي ماڻهو شهر ٿو پڄي. بارڊرن تان ڪنهن ڪانوَ ڪبوتر کي يا ڪنهن جانور کي به اجازت ناهي ته اهو بنا پڇا جي پرُ هڻي. پر هي جناب اسلام آبادي ۽ پنجابي امپورٽر هڪ کرب جي ڪڻڪ ٽپائي آيا ۽ يوڪرين (روس) کي پيسن جا ڏٽ ڪرائي آيا. پر هاڻي ڇا ڪجي جو نه طوفان آيو نه ٻوڏ آئي ۽ نه ئي فصلن کي ڪا باھ لڳي، نه ڪو جيت جڻيو ساڙي ماري کائي ويو، پر موٽ ۾ ڪڻڪ جي فصلن ته انبار لڳي ويا جو ”ڪڻا ڪيچ هزار هئا هيڪاندا سنگ ۾. پر حڪومت جي بدنيتي کي سلام آ، جنهن جي دل دماغ ۾ غريبن جي جُهٻو ناهي ته ڪو ماڻهن جي دردن جو درمان ڪن، ڪو پرائيس ڪنٽرول ڪن، جو ساڳي ڪڻڪ جيڪي 2800 سوءُ مڻ پنجاب ۾ کتي تنهن جو اٽو ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ وري ٻيڻ ۽ چئوڻ تي مڻ ٿو ملي، پر ڪنهن حڪومتي ڊي سي يا ڪنهن سرڪاري عملدار جي جونءَ نه ٿي چري، ڪا پرواھ ئي ناهي.
هاري جنهن جو الھه تلهھ رڳو ان جا فصل هجن ٿا، جو ڪڏهن پاڻيءَ جي گهٽتائي جي ڪرري ته ڪڏهن پاڻيءَ جي گهڻائيءَ جي ڪري به آسمان ڏي هٿ کڻي ٿو بيهي ته هيل رڳو بارشون ٽَرن ته هن جو فصل ڪو ڀلو لهي، جو ان فصل مان ڪنهن کي نياڻي پرڻائڻي هجي ٿي، ڪنهن کي پٽُ جو ڪاڄُ ڪرڻو ٿو هجي، ڪنهن کي جهڳو ٺاهڻو ٿو هجي، ڪنهن کي قرض لاهڻو ٿو هجي، ڪنهن کي ڪي ڪم ڪاريون به ڪرڻا هجن ٿا. پر هاري وري به ڏچي ۾ آ، جو هڪ يوريا جي ٻوري اٺن ڏهن هزارن ۾ وٺي وري لٿل فصل ٽَڪي ملھ ۾ کپائي ٿو ويهي، جنهن جو تدارڪ ناهي. مثال هاري اهي انَ اَٽا ۽ ڪڻڪ چانور ڪنهن صورت جي پاڻ وٽ اسٽور ڪري ڪنهن گنُديءَ ۽ پَليءَ ۾ رکي، مارڪيٽ ۾ نه کپائي، انُ وِهَائي نه ۽ آهستي آهستي ڪري پنهنجي رکيل ڪڻڪ ۽ چانور کائي ته واپاري بُک مري وڃي. ان ڪي ته اهي سيڙپڪار لکين ڪروڙين روپيا سيڙائي رڳو ان تاڙ ۾ هجن ٿا ته رڳو فصل لهي ۽ هاري جي ڪڻڪ، سارين ۽ تيلي ٻجن کي ماري کڻي وري ساڳو ئي پنهنجن اسٽورن ۾ جمع ڪري رڳو ٻه مهينا بريڪ ٿا هڻن ۽ ان انتظار ۾ هجن ٿا رڳو هارين وٽان ڪڻڪ، چانور ۽ تيلي ٻج نڪري مارڪيٽ ۾ اچن ۽ اهي سيڙپڪار (بروڪر) پاڻ ۾ ٻڌي ڪري اگھ طئي ڪن ۽ ريس تي ۽ هڪٻئي جي ساڙ تي رات پيٽ ۾ انهن ئي ڪڻڪن، چانورن ۽ تيلي ٻجن جا اگهھ ٻيڻا ڪري هلائن ۽ پيسا ڪمائن. موٽ ۾ هاري وري پنهنجن ڪڻڪون ۽ ساريون کپائي انهن ئي وپارين (بروڪرن) ڏي هٿ ڊگهو ٿو ڪري، پنهنجون سموري سال جو ضرورتون ۽ اَٽا ٻاٽ انهن کي واپارين کان ٻيڻ ٽيڻ ۽ چئوڻ تي ٿو وٺي، ڪڏهن ڪڏهن ته وياج تي به کڻي ٿو، وري سمورو فصل انهن جي حوالي ڪري انهن جي مهرباني به ڀانئي ٿو، بدلي ۾ سمورو سال لوڙي به و. وري جيڪڏهن مينهن ۽ طوفان گهڻا لهي ٿا پون ته وري اهو ئي هاري عذاب ۾ اچي ٿو وڃي. ان ڪري فصلن جي لڙهڻ يا فصلن جي تباھ ٿيڻ جي ڪري هاري وٽ ڪا انهن فصلن جي انشورنس نه ٿي هجي، ڇو جو واپاري، دوڪاندار يا وڏو بزنس مين ته پنهنجي ڪارخاني ۽ فيڪٽريءَ جي انشورنس ته ڪرائي ٿو وڃي پر هاري وٽ اهڙي ڪا سهولت يا انشورنس پاليسي يا ڪو پريميم هٿ ۾ نه ٿو هجي، جنهن تي اهي وري دعويٰ ڪري سگهن ته انهن جي فصل جي قيميت انهن کي موٽائي ڏني ويندي، نه ئي اهڙي ڪا سهولت موجود هجين ٿي. پر رهندو ڪندو ان هاريءَ کي ڍَل جي رقم به ڀري ڏيڻي ٿي پئي. هاڻي ته آءِ ايم ايف به زرعي ٽيڪس جي ڳالھه ڪئي آهي، معني جيڪو هاري جيترو فصل مان ڪمائيندو اوترو وري حساب ۽ ويلٽ يا انڪم ٽڪيس حڪومت کي ڳڻي ڏيندو. پر جيڪا ڍل ڀري ٿو اها به ته انگريزن جي لڳايل ٽيڪس ئي آهي جيڪا پاڻي استعمال ڪرڻ جي صورت ۾ اوڳاڙي وڃي ٿي، ته پوءِ وري ٽيڪس ڇاجي؟ وري ٻي مصيبت اها به آهي ته هاري جيڪي به پروڊڪٽس استعمال ڪري ٿو انهن تي ڪنزيومر ٽيڪس وانگي پهرين ٽيڪس ڀري ٿو ڏئي، انهن ۾ يوريا جو ڀاڻ هجي يا جيتن مار دوائون هجن (جن کي پيسٽيسائيڊ چئون) ته پوءِ هاري ڪهڙو ڏوھ ڪيو. پر اها ٽيڪس انهن ماڻهن تي هڻڻ جن وٽ گهٽ ۾ گهٽ 2 سوءَ ايڪڙ آباد زرعي زمين هجي جنهن جي فصل جي سروي ٿيڻ کانپوءِ ٽيڪس جي اوڳاڙي ٿئي، جنهن زمري ۾ به رڳو اهي وڏا زميندار هوندا ۽ ايندا جيڪي غريب هارين جو رتُ ستُ پي ويا آهن ۽ هاري انهن اصولن ۽ ضابطن کان آجو هجي.
گلوبل هنگر انڊيڪس ۾ پاڪستان 99 نمبر تي آهي، ڇو ته بک بدحالي ۽ بيروزگاري جي ڪري ملڪ جون حالتون بيڪار ترين ٿي ويون آهن. اها ٻي ڳالھه آهي ته ملڪ هن ڀيري رڳو ”پاور بيلسن“ ڪرڻ جي يا طاقت جي بگڙيل توازن کي بحال ڪرڻ جي لاءِ ”چنڊ تي راڪيٽ روانو ڪيو آهي، معني ”پرائي مال تي ۽ ٽوپي نراڙ تي“ پر پهرين گندي ۾ ڪجھ داڻا ته هجن، پوءِ اها ٺاش ڦوش ٺهي ٿي ۽ ڪرڻ به جڳائي، ان ڪري بنيادي طور تي پهرين گهرو حالتون بهتر ڪرڻ هن ملڪ جي اسٽبلشمينٽ ۽ سرڪار جو اولين فرض آهي ته اهي پنهنجن ماڻهن جي بک ۽ بدحالي جو پورائو ڪن ۽ هارين کي مجبور نه ڪن ته اهي احتجاجن پنهنجي زمين تان نڪري روڊن تي اچن ۽ ان ڳالھه جي لاءِ پريشان هجن ته هنن جي ”کنئي کپي ڪان ۽ واپارين جي ڳولهي لڀي ڪان“ پر حڪومت انهن شين ۾ ممڪن توازن پيدا ڪري.