اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) وزيراعظم شهباز شريف سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ آزاد ڪشمير جي صورتحال تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو، هن چيو ته ڪنهن کي به قانون هٿ ۾ کڻڻ ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پرامن احتجاج جمهوريت جو حسن آهي پر احتجاج جي نالي تي قانون هٿ ۾ کڻڻ ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ نه ڏنو ويندو. بدقسمتي سان ڪجهه ماڻهو صورتحال تي سياسي پوائنٽ اسڪورنگ ڪري رهيا آهن. هن چيو ته آزاد ڪشمير جي وزيراعظم سان صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي ۽ کيس ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سان ڳالهائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.وزيراعظم چيو ته ڌرين کي گذارش آهي ته مطالبا پورا ڪرڻ لاءِ پرامن طريقو اختيار ڪيو وڃي ۽ اميد ظاهر ڪئي ته تخريبي عنصرن جي ڪوششن باوجود معاملو جلد حل ڪيو ويندو. وزيراعظم چيو ته ڌرين کي گذارش آهي ته مطالبا پورا ڪرڻ لاءِ پرامن طريقو اختيار ڪيو وڃي، واضح رهي ته گذريل ڏينهن آزاد ڪشمير ۾ سستي بجلي ۽ سستي اٽي جي فراهمي لاءِ جاري احتجاج ۽ هڙتال دوران مشتعل مظاهرين ۽ پوليس آمهون سامهون ٿي ويا، جنهن دوران پوليس پٿراءَ جي جواب ۾ ڳوڙها آڻيندڙ گئس جا شيل فائر ڪيا.