اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن اسيمبلين جون واڌو مخصوص سيٽون معطل ڪري ڇڏيون، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو.
اليڪشن ڪميشن موجب سنڌ اسيمبلي مان مخصوص سيٽن تي 3 ايم پي ايز جي ميمبرشپ معطل ڪئي وئي.
سنڌ مان عورتن جي مخصوص سيٽن تي معطل ٿيل ايم پي ايز ۾ سميتا افضال سيد ۽ مسرت جبين شامل آهن، اقليتي سيٽ تي ڪامياب قرار ڏنل سريندر ولاسائي جي ميمبرشپ به معطل ڪئي وئي.
نوٽيفڪيشن موجب خيبر پختونخواهه مان قومي اسيمبلي جي 8 عورتن جي ميمبرن کي معطل ڪيو ويو آهي، ڪي پي اسيمبلي مان 21 مخصوص عورت ميمبرز، جڏهن ته اقليتن جي 4 ميمبرز کي به معطل ڪيو ويو.
پنجاب اسيمبلي مان قومي اسيمبلي جي 11 عورت ميمبرن کي معطل ڪيو ويو، صوبائي اسيمبلي مان عورتن جي مخصوص سيٽن تي ڪامياب قرار ڏنل 24 ايم پي ايز جي ميمبر شپ معطل ڪئي وئي، جڏهن ته اقليتي سيٽن تي ڪامياب قرار ڏنل 3 ايم اين ايز جي ميمبرشپ به معطل ڪئي وئي.
اهي مخصوص سيٽون واڌو طور تي ن ليگ، پيپلز پارٽي ۽ ٻين پارٽين ۾ ورهايون ويون هيون.
You might also like