فارم 47 واري حڪومت سان حالتون وڌيڪ خراب ٿينديون\عارف علوي

لاهور(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي صدر پاڪستان عارف علوي جو چوڻ آهي ته مسئلن جو حل ڳالهين ۾ آهي، ڳالهين  جي ڀرپور ڪوشش ڪندا رهنداسين، ناڪامي تڏهن ٿيندي جڏهن ناڪامي قبول ڪندا. لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي عارف علوي چيو ته هن خميس ڏينهن پي ٽي آءِ جي باني سان ملاقات ڪئي ۽ کيس سٺي صحت ۽ سٺي موڊ ۾ مليو. هن چيو ته پي ٽي آءِ باني ايترو مينڊيٽ وٺڻ کانپوءِ به جيل ۾ آهي، موجوده پارليامينٽ فارم 47 جي آهي، ان وٽ گهٽ مينڊيٽ آهي. هن وقت فارم 47 جي حڪومت آهي، جيڪڏهن ائين ئي رهيو ته حالتون خراب ٿي وينديون.  عارف علوي چيو ته جيڪڏهن ميڊيا آزاد آهي ته پوءِ دنيا ۾ ڇا ٿي رهيو آهي ماڻهن کي خبر آهي، غزه ۾ سوشل ميڊيا تي تصويرن مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪيترو ظلم ٿي رهيو آهي، پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن ۾ سوشل ميڊيا بند آهي. اڳوڻي صدر پاڪستان چيو ته 6 ججن جي خط بابت سپريم ڪورٽ ۾ ڪيس هلي رهيو آهي، اسان جا سمورا بند گهٽي ۾ ڦاسي ويا آهن. فوج منهنجي آهي، مون هميشه ان جو دفاع ڪيو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.