اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير جي عوام جا مطالبا قانون موجب پورا ٿيڻ گهرجن. هن وڌيڪ چيو ته ’تمام اسٽيڪ هولڊرز کي صبر جو مظاهرو ڪرڻ گهرجي. صدر آصف علي زرداري سان پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرينز جي ڪشمير قانون ساز اسيمبلي جي ميمبرن جي وفد ملاقات ڪئي، جنهن کيس علائقي ۾ جاري احتجاج ۽ عوام جي مطالبن کان آگاهه ڪيو. صدر چيو ته ڪشمير مسئلا ڳالهين ۽ گڏيل مشاورت ذريعي حل ٿيڻ گهرجن. آصف زرداري وفد کي چيو ته سياسي پارٽيون، رياستي ادارا ۽ آزاد ڄمون ڪشمير جي عوام کي ذميواريءَ سان ڪم ڪرڻ گهرجي ته جيئن دشمن عنصر صورتحال مان فائدو نه وٺي سگهن. صدر وفد کي يقين ڏياريو ته هو آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي شڪايتن بابت پاڪستان جي وزيراعظم سان ڳالهائيندو ته جيئن موجوده صورتحال جو حل ڳولي سگهجي.