سکر( رپورٽر) باگڙجي ٻيلي ۾ جتوئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان فائرنگ جي نتيجي ۾ مسمات ڪامل زال سوجهرو جتوئي قتل ٿي وئي آهي. جنهن جو لاش پوليس پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو آهي. واضع رهي ته مقتول عورت مسمات ڪامل ٻه ڏينهن اڳ سکر پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي دانهيو هو ته مخالف ڌر حملو ڪري پٽ کي قتل ڪيو آهي پر پوليس هن وقت تائين قاتل گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. نتيجي ۾ مخالف ڌر موتمار ڌمڪيون ڏئي رهي آهي. جنهن کي به هٿياربندن ڪالهه فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو آهي.