اسلام آباد (م ڊ) سڌ سماءَ واري اڳوڻي وفاقي وزير محمد علي دراني چيو آهي ته موجوده حڪومت کان اقتدار مٺ مان واريءَ وانگر نڪرندو پيو وڃي، ان صورتحال ۾ حڪومت کي ملڪي مفادن ۾ فيصلا ڪرڻا پوندا. ان لاءِ پارليامنٽ اندر انصاف تي ٻڌل مفاهمت جي پاليسي اختيار ڪري پي ٽي آءِ سان ڳالهيون ڪن. 8 فيبروري جي اليڪشن جي نتيجن موجب هر ڪنهن کي مينڊيٽ ڏئي اختيار منتقل ڪري. حڪومت کي پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون هر صورت م ڏيڻيون پونديون. هن چيو ته مشاهد حسين جيڪا آمريڪي فون ڪال کان اڳ عمران خان کي آزاد ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي اها درست آهي.