ڪي پي جي گورنر ۽ وڏي وزير وچ ۾ لفظي جنگ شديد، هڪ ٻئي کي ڌمڪيون

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير کي چيو آهي ته گورنر هائوس تي قبضو ڪري ڏيکاريو، جيڪڏهن اوهان کي روڊن تي نه گهليو ته منهنجو نالو به فيصل ڪريم ڪنڊي نه آهي. هن چيو ته مان ڪڏهن به گورنر راڄ نه لڳائيندس، وڏي وزير علي امين گنڊاپور گورنر هائوس تي قبضي جي ڳالهه ڪئي، گنڊاپور کي چيلينج آهي، اچي قبضو ڪري ڏيکاري، مان توکي روڊن تي گهليندس. هڪ ٻئي تقريب ۾ فيصل ڪريم ڪنڊي خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير  علي امين گنڊاپور کي جواب ڏيندي چيو هو ته اوهان پنهنجي ڀاءُ کي جيل مان نٿا ڪڍي سگهو، جيڪڏهن قانون ٽوڙيو ويو ته اوهان کي به جيل ۾ وڌو  ويندو. گورنر هائوس تي قبضو ڪرڻ جي بيان جي رد عمل ۾ ڪي پي ڪي جي گورنر چيو ته جيڪو آئين کي نٿو مڃي، ان سان ڳالهيون نه ٿينديون، جيڪي چون ٿا ته اسان معافي نه گهرنداسين انهن کي معافي گهرڻي پوندي،هن چيو ته علي امين گنڊاپور مون کي گورنر رهڻ ڏئي نه ته مان توهان کان وڏو بدمعاش بڻجي ويندس، هاڻي هن کي بدمعاشي ڪرڻ نه ڏينداسين،هن چيو ته مرڪز ۽ صوبن وچ ۾ جهيڙو نٿا چاهيون، وڏي وزير کي گورنر هائوس فوبيا آهي، جنهن جو علاج رڳو اسپتال ۾ ممڪن آهي، هن چيو ته ميڊيا ذريعي خبر پئي ته اغوا ٿيل جج جي آزادي لاءِ 5 کان 7 ڪروڙ رپيا ڀنگ سرڪاري فنڊ مان ڏنو ويو، ٻئي پاسي ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور فيصل ڪريم ڪنڊي جي بيانن تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته پنهنجي حد ۾ رهو، توهان جو سياست سان ڪو واسطو ناهي، توهان جي حيثيت هڪ ليٽر جي آهي مينڊيٽ جي ناهي.هن چيو ته تميز جي دائري ۾ رهو نه ته فيول به بند ڪري ڇڏيندس، توهان جون گاڏيون به منهنجي ايڊمنسٽريشن ڊپارٽمينٽ جون آهن، سڀ بند ڪري ڇڏيندس، مون کي مجبور نه ڪيو ۽ پنهنجي ڪم سان ڪم رکو.سندس چوڻ هو ته هيءَ سياسي جنگ آهي ۽ توهان سياستدان ناهيو، توهان سياست مان فارغ ٿي چڪا آهيون، عهدي جو لحاظ ڪيو،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.