ڪراچي(محسن ٻٻر) سکر – حيدرآباد موٽر وي جو 5 ارب 80 ڪروڙن جو ڪرپشن اسڪينڊل لڙهي ويو. احتساب عدالت مان ضمانت رد ٿيڻ کانپوءِ جوابدارن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي، جنهن 15 لک رپين عيوض مٽياري جي اڳوڻي ڊي سي سميت 4 جوابدارن جي ضمانت منظور ڪري ورتي. جوابدارن پلي بارگين ڪري 75 سيڪڙو رقم واپس ڪري ڇڏي آهي. ان کانپوءِ اهو امڪان پئدا ٿي ويو آهي ته جوابدار ڪيس مان آجا ٿي ويندا، في الحال جوابدارن کي ڪيس نه هلڻ جي بنياد تي ضمانت ملي آهي، جڏهن ته ڪيس ۾ ڄاڻايل 200 شاهدن مان اڃا تائين هڪ به شاهد جو بيان رڪارڊ نه ٿيو آهي، جنهن جو فائدو جوابدارن کي مليو آهي.