گنڊاپور ۽ ڪنڊي ڇڪتاڻ کان پاسو ڪن: پرويز اشرف

لاهور(بيورو ) پاڪستان پيپلز پارٽي پنجاب جي صدر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته خيبر پختو خواه جي وڏي وزير ۽ گورنر کي ڇڪتاڻ ختم ڪري گڏجي ڪم ڪرڻ گهرجي ۽ اهڙي طرح سڀني سياسي پارٽين کي پڻ سياسي استحڪام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي،لاهور ۾ پيپلز پارٽي سيڪٽريٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اڳوڻي وزير اعظم راجا پرويز اشرف چيو ته پنجاب ۾ نئين سر تنظيم سازي ڪرڻ جي شروعات ڪري ڇڏي آهي جنهن کي سئو ڏينهن ۾ مڪمل ڪيو ويندو، سندس وڌيڪ چوڻ هو ته ملڪي مسئلن جو حل سياسي استحڪام کان سواءِممڪن ناهي، هيءُ وقت نفرتن کي ختم ڪرڻ ۽ ادارن کي پاڻ ۾ جوڙڻ جو آهي، پاڪستان پيپلز پارٽي آئيني عهدا ان لاءِ ورتا آهن ته جيئن مسلم ليگ کي حڪومت ۽ فيصلا ڪرڻ ۾ ڏکيائون پيش نه اچن

  • 9مئي واقعي جو مقصد ملڪ ۾ ”تنگ نظر انقلاب“ آڻڻ هو

اسلام آباد(سعيد چوڌري)9-مئي جو واقعي جو مقصد ملڪ ۾ تنگ نظر انقلاب آڻڻ هيو جنهن جو مقصد هڪ شخص جي طالباني طرز جي حڪومت قائم ڪرڻ هيو، واقعو هڪ منظم سازش تحت ڪيو ويو جنهن جي خبر آءِ ايس آءِ ، آرمي چيف ۽ ڪجهه ٻين اهم ۽ ذميوار ماڻهن کي پئجي چڪي هُئي، جن اهڙي سازش کي ناڪام ڪرڻ لاءِ تياريون به مڪمل ڪري ورتيون هيون. 9- مئي سانحي جي سازش اهڙي نموني سٽي وئي هُئي جو عمران خان جي گرفتار ٿيڻ بعد ملڪ ۾ فساد برپا ڪيا وڃن. 9- مئي جي واقعي جي رٿابندي ڪندڙن ۽ ذميوارن ۾ رڳو عمران خان اڪيلو نه هو پر ان سان گڏ ڪافي ريٽائرڊ جنرل، بيوروڪريٽ ۽ ڪجهه فوج جي اندر حاضر سروس فوجي پڻ شامل هيا، فسادن جي رٿابندي ڪجهه اهڙي نموني جي هُئي جو عمران خان جي گرفتار ٿيڻ بعد ملڪ ۾ فساد برپا ڪيا وڃن ۽ ڪوشش ڪئي وڃي ته هنگامن دوران پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن وچ ۾ ڇڪتاڻ ٿئي ۽ ماڻهو مارجن، فسادن جي رٿابندي ۾ اهو به شامل هيو ته 200 جي لڳ ڀڳ فوجي تنصيبات ۽ دفترن تي حملا ڪيا وڃن .

  • زرتاج گل جو نالو اي سي ايل مان ڪڍڻ لاءِ گهرو سيڪريٽري کي نوٽيس

اسلام آباد (م ڊ) اڳوڻي وفاقي وزير زرتاج گل جو نالو حج جي ادائيگي لاءِ اي سي ايل مان ڪڍڻ جي درخواست تي اسلام آباد هاءِ  ڪورٽ گهرو سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق محمود جهانگيري زرتاج گل جي درخواست تي ٻڌڻي دوران لکت ۾ حڪم جاري ڪري ڇڏيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته گهرو سيڪريٽري قانوني ڄاڻ رکندڙ سينئر آفيسر کي عدالت جي مدد لاءِ مقرر ڪري. عدالت هدايت ڏني آهي ته اعليٰ آفيسر لاڳاپيل رڪارڊ سان گڏ ايندڙ ٻڌڻي تي عدالت ۾ پيش ٿي ڪيس جي حقيقتن کان واقف ڪن. حڪم نامي ۾ عدالت چيو آهي ته وڪيل موجب پٽيشنر جي خلاف احتجاج تي ڪيترائي ڪيس داخل آهن جنهن کي هو منهن ڏئي رهي آهي. وڪيل ٻڌايو ته زرتاج گل ڪنهن به ڪيس ۾ مفرور يا اشتهاري نه آهي، هن ضمانتون حاصل ڪري رکيون آهن. پٽيشنر موجب انهي جو نالو اي سي ايل نو فلائي لسٽ يا پي اين آءِ ايل ۾ شامل آهي.حڪم نامي ۾ عدالت چيو آهي ته زرتاج گل تي سفري پابنديون لاڳو ڪرڻ جو ڪوبه سبب يا اخلاقي جواز موجود نه آهي. حڪم نامي ۾ چيو ويو آهي ته وڪيل موجب گهرو سيڪريٽري کي 13 مارچ تي پي اين آئي ايل مان نالو ڪڍڻ جي درخواست ڏني جنهن جو جواب نه ڏنو ويو. پٽيشن داخل ڪندڙ جي وڪيل استدعا ڪئي آهي ته زرتاج گل حج تي وڃڻ چاهي ٿي ان لاءِ درخواست تي جلد فيصلو ڪيو وڃي.

  • پاسڪو ڪڻڪ خريد ڪري پئي،هارين کان هڪ هڪ داڻو خريد ڪنداسين: راڻا تنوير

اسلام آباد ( بيورو + م ڊ ) صنعت، پيداور ۽ غذائي تحفظ بابت وفاقي وزير راڻا تنوير حسين چيو آهي ته ملڪ ۾ کاڌي پيتي جي شين جو اسٽريٽيجڪ ذخيرو برقرار رکڻ جي ذميوار پاسڪو ڪڻڪ جي خريداري ڪري رهي آهي، هدف پورو ٿيڻ کانپوءِ باقي بچيل ڪڻڪ جو هڪ هڪ داڻو هارين کان خريد ڪنداسين. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي راڻا تنوير حسين چيو ته پاسڪو آبادگارن ۽ هارين کان ڪڻڪ جي خريداري ڪري رهي آهي، وزيراعظم ڪڻڪ خريداري جو ميڪنزم ٺاهڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن چوي ته هڪ ايڪڙ واري کي 8 ٻوريون بارداڻو ڏنو پيو وڃي، ڪڻڪ خريداري ۽ بارداڻي جي فراهمي شفاف بڻائي پئي وڃي، بارداڻي جي فراهمي لاءِ آن لائين رجسٽريشن شروع ڪري ڇڏي آهي. سندس چوڻ هو ته هدف پورو ڪرڻ لاءِ ڪڻڪ جو هڪ هڪ داڻو خريد ڪنداسين، هارين کي مقرر ڪيل اگھن تي ڀاڻ جي فراهمي لاءِ قدم کڻي رهيا آهيون، خصوصي ٽيمون ڪڻڪ خريداري ۽ بارداڻي جي فراهمي جي نگراني ڪري رهيون آهن، ڪڻڪ جو بمپر فصل لٿو آهي، هارين کي سندن حق ملڻ گھرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.