آبادگارن کي بارداڻو نه ڏيڻ ۽ ڪڻڪ خريداري نه ٿيڻ خلاف جماعت اسلامي جا مظاهرا

ڪراچي/حيدرآباد/سکر( نمائندا)  امير جماعت اسلامي پاڪستان حافظ نعيم الرحمٰن جي اپيل تي آبادگارن کي بارداڻي جي عدم فراهمي، ڪڻڪ جي سرڪاري ريٽ تي خريداري نه ڪرڻ توڙي آبادگارن  ۽ هارين سان ٿيندڙ ناانصافين خلاف ميرپورخاص، خيرپور، بدين، شڪارپور، گهوٽڪي، لاڙڪاڻو، قاضي احمد، شهداد ڪوٽ سميت سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا. جن ۾ شريڪ سياسي، سماجي اڳواڻن، هارين توڙي آبادگارن دانهيندي چيو ته هاري، آبادگارن جي خوشحالي سان ئي سنڌ جو امن ۽ خوشحالي وابسته آهي، پر سنڌ سرڪار جي عدم توجه ڪرپشن ۽ ٻج ڀاڻ زريعي دوائن وارن ڪمپنين جي هڪ هٽي سان آبادگار طبقو سخت پريشان آهي ان سڄي ڪشالي باوجود به فصلن جو مناسب اگهه ۽ بارداڻي لاءِ ڌڪا ڏئي تذليل ۽ زراعت دشمني ڪئي پئي وڃي، بارداڻي لاءِ آبادگار سراپا احتجاج آهن، پر ڪوبه داد فرياد ڪونه آهي. هي تمام وڏو ظلم ۽ تمام وڏي ناانصافي آهي، ان معاملي ۾ نه رڳو اڳوڻي نگران حڪومت جي ذميوارن کي بخش نه ڪيو وڃي، پر واسطيدار ڪامورن کي به فوري طور تي قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي. اڳواڻن مولانا عبدالقدوس احمداڻي ، سيد علي مردان شاھ، مفتي يوسف مزاري، تحسين ڀٽو،سرور قريشي، قاري ابوزبير جکرو ، مولانا ثناءُ الله جوڻيجو ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته موجوده جعلي حڪومت دوران به ٻاهران ڪڻڪ گهرائي وئي آهي ته ان جي ذميوارن کي به قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. هنن چيو ته  هن وقت عملي طور ملڪ تي ڪڻڪ، اٽو، کنڊ مافياز جو راڄ آهي ميرپورخاص پريس ڪلب تي ٿيل مظاهري کي مقامي امير حاجي نور الاهي مُغل، مولانا تحسين ڀٽو، ڏهرڪي ۾ امير مولانا يوسف مزاري، احمد خان گڏاڻي، پيرڳوٺ ۾ ضلعي امير امان الله جوڻيجو، دُرمحمد خاصخيلي، بدين ۾ مولانا عبدالقدوس احمداڻي، ضلعي امير سيد علي مردان شاه، لاڙڪاڻي ۾ ضلعي امير قاري ابوزبير جکرو، غلام حيدر ڪورائي، عباس علي ڏاھاڻي، قمبر ۾ ضلعي امير منصور ابڙو، حافظ امتياز ڀٽو، ابراهيم دايو، محمد ٻُرڙو، قاضي احمد پريس ڪلب تي مظاھري کي سرور احمد قريشي مولانا نورمحمد جوڻو ۽ ٻين خطاب ڪيو،ٽنڊي محمدخان ۾پير مسلم جان سرھندي، يوسف جمالي ،محمد عامر شيخ،ڊاڪٽر مبشر ۽ ٻين چيو ته سنڌ ۾ ڪڻڪ جو اگھ فوري طور 5000 مقرر ڪري غريب ھارين کان خريداري ڪئي وڃي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.