ڪڻڪ اسڪينڊل:آبادگار اتحاد پاران 10 مئي تي ملڪ گير احتجاج جو اعلان

ملتان (م ڊ) پاڪستان هاري اتحاد حڪومت پاران سرڪاري اگهه تي ڪڻڪ جي خريداري شروع  نه ڪرڻ خلاف 10 مئي کان احتجاج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. ملتان ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان هاري اتحاد جي چيئرمين خالد کوکر چيو آهي ته 10 مئي تي ملتان کان احتجاج شروع ڪري رهيا آهيون، احتجاج ۾ هاري، ٽريڪٽر ۽ جانورن سان گڏ شرڪت ڪنداسين،هن چيو ته احتجاج ۾ زراعت جي علامتي جنازي نماز ادا ڪئي ويندي ۽ لاهور پهچڻ تي قل خواني ڪنداسين. خالد کوکر چيو ته اگهه گهٽ ٿيڻ سبب هارين کي 400 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي، ڪڻڪ مافيا پهريان ڪڻڪ ذخيرو ڪري ڇڏيندي آهي،  معاملي جي شفاف جاچ ڪري ڪڻڪ اسڪينڊل ۾ ملوث ڪردارن کي ڦاهي ڏني وڃي، چيئرمين هاري اتحاد جو وڌيڪ چوڻ هو ته اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر ڪوثر عبدالله چيو آهي ته ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ جي ڪا ضرورت نه هئي، هڪ ٻوٽي کائڻ لاءِ اُٺ ذبح ڪيو ويو، نگران وزير اعتراف ڪيو ته ڪڻڪ امپورٽ جي سمري اڳ ئي موڪلي وئي هئي.خالد کوکر چيو ته ڪڻڪ مافيا کي نوازڻ لاءِ ڪڻڪ ذخيرو ڪيو ويو هو، ڪڻڪ بحران پيدا ڪرڻ تي ملڪ کي هڪ ارب ڊالر جو نقصان پهتو آهي،  ذخيرو ڪيل ڪڻڪ جو اگهه مافيا کي ڀاڙڻ لاءِ وڌايو ويو، ڪڻڪ بحران ۾ پاڪستان کي هڪ ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو، اڳوڻي وفاقي وزير ڪوثر عبدالله چيو ته سمري سندس اچڻ کان اڳ موڪلي وئي هئي.هن وڌيڪ چيو ته ڪڻڪ جي آبادگارن وٽ جيڪڏهن پئسا نه هوندا ته هو ٻي ڪا فصل ڪيئن پوکيندي. هارين يوريا ڀاڻ تي 150 ارب رپيا وڌيڪ ادا ڪيا آهن، اڄ به يوريا بليڪ تي وڪرو ٿي رهي آهي، هن وڌيڪ چيو ته ڪڻڪ جي ايراضي تي وڌيڪ 2 اهم فصلون پيدا ٿيڻون آهن، جن ۾ ڪپهه ۽ چانور شامل آهن، جيڪڏهن ڪڻڪ جي آبادگارن وٽ پئسا نه هوندا ته هو ڪٿان ايندڙ موسم جي فصل ڪيئن ڪندا. هن وڌيڪ چيو ته هاري پئسا کڻي ملڪ مان فرار ناهي ٿيندو، هن وڌيڪ چيو ته هن وقت ڪڻڪ اسڪينڊل پاڪستان جو سڀ کان وڏو مسئلو آهي، 40 لک ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ هجڻ باوجود 35 لک ٽن ڪڻڪ ٻاهران گهرائي وئي، جڏهن ته ڪڻڪ جي ڪٽائي ٿيڻ وقت ٻاهران ڪڻڪ ناهي گهرائبي.ٻئي پاسي مرڪزي ڪسان اتحاد جي صدر خالد حسين باٺ وزيراعظم کي شفاف جاچ لاءِ خط لکي ڇڏيو، هن چيو ته پنجاب ۾ آبادگارن کي بارداڻو نه پيو ملي،مڊل مين 2600 رپيا مڻ ڪڻڪ خريد پيو ڪري،اها ئي صورتحال رهي ته واپاري اربين رپيا ڪمائيندا ۽عام شهري کي اٽو مهانگو ملندو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.