ڊاڪٽر شفقت عباسي جو نوجوان ڀائٽيو لاڏاڻو ڪري ويو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌ جي ناليواري علمي شخصيت،انجمن اتحاد عباسيه انٽرنيشنل جي مرڪزي صدر،سنڌ جي اڳوڻي صحت واري وزير ۽ ايڊيشنل گهرو سيڪريٽري ڊاڪٽر شفقت حسين عباسي جي وڏي ڀاءُ سڪندر عباسي مرحوم جو نوجوان پٽ نجيب عباسي  لاڏاڻو ڪري ويو، هفتو اڳ حيدرآباد ۾سندس انجيوپلاسٽي ٿي هئي،کيس ڪراچي جي اسپتال منتقل ڪيو ويو جتي هن دم ڌڻي حوالي ڪيو، سندس جنازي لمس ڄامشورو آفيسرز ڪالوني ۾ ادا ڪئي وئي جنهن ۾  ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا، ڊاڪٽر عبدالله ڪامران سومرو، بابر عباسي، ڊاڪٽر ايوب عباسي، ظهير عباسي ۽ ٻين شرڪت ڪئي

  1. قطري ٽي وي چينل الجزيره جي اسرائيل ۾ نشريات بند

تل ابيب (م ڊ) پرڏيهي خابرو اداري موجب اسرائيلي سيٽلائيٽ ۽ ڪيبل فراهم ڪندڙ ادارن الجزيره چينل جي نشريات معطل ڪري ڇڏي آهي. اسرائيلي  سيٽلائيٽ سروس موجب اسرائيلي حڪومت جي فيصلي سبب اسرائيل ۾ الجزيره جي نشريات بند ڪئي وئي آهي. عرب ميڊيا موجب اسرائيلي ڪابينا متفقه طور تي اسرائيل ۾ الجزيره جو آپريشن بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته اسرائيلي پارليامينٽ اڳ ۾ ئي الجزيره چينل جي عارضي بندش جي حق ۾ ووٽ ڏئي چڪي هئي.

  1. ڪڻڪ جي خريداري ۾ دير ٿيڻ سبب هاري سخت پريشان آهن: همايون اختر

لاهور ( م ڊ ) اڳوڻي وفاقي وزير همايون اختر حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اعلانيل اگهه  تي ڪڻڪ جي خريداري فوري طور تي شروع ڪئي وڃي. همايون اختر هارين، سماجي شخصيتن ۽ بزرگن سان ملاقاتون ڪيون.ان حوالي سان سندس چوڻ آهي ته ڪڻڪ جي خريداري ۾ دير ٿيڻ سبب هاري سخت پريشان آهن. همايون اختر وڌيڪ چيو ته هاريءَ وٽ ايندڙ فصل پوکڻ لاءِ سرمايو ناهي، هو هارين سان گڏ آهن، استحصال خلاف آواز اٿاري رهيو آهي.

  1. جماعت اسلامي هارين سان پهرين صف تي گڏ بيٺل آهي: لياقت بلوچ

لاهور (م ڊ) جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير لياقت بلوچ جو چوڻ آهي ته جماعت اسلامي هارين سان پهرين صف تي گڏ بيٺل  آهي. لاهور مان جاري ڪيل پريس پڌرائي موجب، نائب امير جماعت اسلامي مطالبو ڪيو آهي ته شهباز شريف ڪڻڪ اسڪينڊل جي ذميوارن کي قوم آڏو  آڻي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.