ملير ۾ سنڌ سجاڳي فورم پاران کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جي آزادي لاءِ ريلي

ملير (ڊ ر) سنڌ سجاڳي فورم پاران قومي ڪارڪنن جي جبري گمشدگي خلاف گلشن حديد کان ڊسٽرڪٽ پريس ڪلب ملير تائين ريلي ڪڍي  ڌرڻو هنيو ويو، ريلي ۾ شريڪ عورتن ۽ ٻارڙن جي هٿن ۾ کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن جون تصويرون ۽ بينر هئا جيڪي قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو جا نعرا هڻي رهيا هئا. ان موقعي تي سنڌ سجاڳي فورم جي اڳواڻن سارنگ جويو، سهڻي جويو، وقار ڪوري، عرفان زهراڻي، غلام رسول شر، عروج سنڌي، جساف اڳواڻن جي ايم سيال، سهيل ميراڻي ۽ ٻين ڌرڻي کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ وطن سان محبت ڪرڻ جي ڏوهه هيٺ رياست پاران قومي ڪارڪنن کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي جيڪڏهن پنهنجي وطن سان محبت ڪرڻ ڏوهه آهي ته اهو ڏوهه اسان بار بار ڪنداسين، هفتو اڳ گلشن حديد مان درياءَ خان برهماڻي کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي جنهن کي هن مهل تائين ظاهر نه ڪيو ويو آهي جڏهن ته سنڌ جي ٻين قومي ڪارڪنن بشير شر، پٺاڻ خان زهراڻي، انصاف دايو سميت ٻين قومي ڪارڪنن کي پڻ کنڀي گم ڪيو ويو آهي جنهن خلاف اسان سراپا احتجاج آهيون، هنن چيو ته رياست جي اها پڻ ذميداري آهي ته هو عدالت کان مٿانهون ڪو به اهڙو عمل نه ڪن جنهن تي انصاف مجروح ٿئي ڪهڙي قانوني ۾ لکيل آهي ته توهان ڪنهن به بيگناهه بلاجواز کنڀي گم ڪيو، اسان ڪيترائي احتجاج ڪيا آهن پر رياست کي ڪو به احساس نٿو ٿئي جيڪي نوجوان کنڀي گم ڪيا ويا آهن ان جي پونيئرن سان ڪهڙي حالت هوندي ان جو اندازو انسان دوست لڳائي سگهن ٿا. انساني حقن جون تنظيمن جي خاموشي پڻ هڪ سواليه نشان آهي کين گهرجي ها ته هو رياست کان پڇاڻو ڪن ته آخر وطن سان محبت ڪرڻ وارن کي بيدردي سان کنڀي گم ڪيو ٿا اهڙو ڪهڙو قانون آهي، هنن حڪومت ۽ اعليٰ عدليه کان مطالبو ڪندي چيو ته جيڪڏهن کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪن ڏوهاري آهن ته سندس خلاف ڪهڙا ڪيس داخل آهن ۽ انهن کي عدالتن ۾ ڇو نٿو پيش ڪيو وڃي. کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن کي آزاد ڪري وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.