شهيد هدايت لوهار جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ نصيرآباد ۾ احتجاج

نصيرآباد (ن ع آ)جسٽس فار ھدايت لوھار ايڪش ڪميٽي ۽ وائيس فار مسنگ پرسنز آف سنڌ جي سڏ تي ڪالهه به نصيرآباد ۾  ريلي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،16فيبروريءَ تي نصيرآباد ۾ قتل ڪيل سينيئر قومي ڪارڪن سائين ھدايت لوھار جي قاتلن جي گرفتاري، سنڌ مان جبري کنڀي گم ڪيل قومي ڪارڪنن يوسف شر، بشير شر، درياھ خان برھماڻي، سالن کان کنڀي گم ڪيل ايوب ڪانڌڙو، پٺاڻ خان زھراڻي، انصاف دايو، فقير اعجاز ڳاھو، مرتضي جوڻيجو، ڪاشف ٽڳڙ ۽ ٻه ڊزن کان مٿي قومي ڪارڪنن جي آزادي، لاڙڪاڻي ۾ پرامن ريلي مٿان رياستي ھلان ڪري قومي ڪارڪنن، شھرين ۽ وارثن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي،ريلي کي خطاب ڪندي سسئي لوھار چيو ته پوليس شھيد سائين ھدايت لوھار جي ڪيس کي لوڙھڻ چاھي ٿي جيڪا بدديانتي آھي نه ڪيس ۾ ڏنل نالن سرگوڌا رھواسي غلام محمد پنجابي، اڳوڻو ايس ايڇ او نصيرآباد ھدايت الله بجاراڻي خلاف ڪا ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي آھي نه ئي وري جاچ ۾ ٻه نامعلوم جوابدارن خلاف ڪا اڳڀرائي ٿي آهي،ريلي ۾ وڏي انگ ۾ قومي ڪارڪنن، سياسي سماجي تنظيمن وارثن عورتن توڙي ٻارڙن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.