زرعي انقلاب جي نالي تي سنڌ جي زمينن جي نيلامي ٿي رهي آهي: لال جروار

حيدرآباد(اعجاز چانڊيو) سنڌي شاگرد تحريڪ مطالبو ڪيو آهي ته سنڌي، سرائڪي، پنجابي، بلوچي ۽ پشتو ٻولين کي قومي ٻولي جو درجو ڏئي  سنڌ جي سمورن اسڪولن ۾ سنڌي ٻولي پڙهائڻ لازمي قرار ڏني وڃي، سنڌ جي يونيورسٽين ۾ هٿرادو ڪلاشنڪوف ڪلچر متعارف ڪرائي شاگرد يونين تي مڙهيل پابندي ختم ڪري شاگردن جي نمائندگي کي يقيني بڻائي جلد کان جلد تعليمي ادارن ۾ چونڊون ڪرايون وڃن، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن مان رشوت واري عمل کي ختم ڪري ميرٽ تي نوان ايماندار، قابل آفيسر ۽ ملازم ڀرتي ڪري ڪرپٽ آفيسرن کي گهٽ ۾ گهٽ ڦاسي يا عمر قيد جي سزا ڏيڻ جي قانون سازي ڪئي وڃي، تعليمي ادارن ۾ نياڻين جي قتلام، هراسمينٽ، اغوا جي ڪوششن، يونيورسٽي انتظاميا ۾ موجود درندن وحشين طرفان قتل جي ڪوششن جي روڪٿام لاءِ اهڙن واقعن جي جاچ ڪميٽين ۾ سپريم ڪورٽ، هاءِ ڪورٽ جي حاضر سروس ججن، شاگرد اڳواڻن، اديبن، دانشورن، صحافين، وڪيلن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن کي ميمبر طور کنيو وڃي. اهڙو مطالبو دنيا جي عظيم انقلابي مفڪر، فلسفي ڪارل مارڪس جي 206 هين سالگرهه ۽ سنڌي شاگرد  تحريڪ جي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڪوٺايل مرڪزي ڪنوينشن ۾ ڪيو ويو. ڪنوينشن ۾ مختلف، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي  شاگردن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڪارل مارڪس جي سالگره جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. ڪنوينشن کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته 4 مارچ ۽ ون يونٽ خلاف ھليل تحريڪ ۽ ضيائي مارشلا ۽ ڊڪٽيٽر شپ خلاف ھلايل جدوجھد ۾ شاگردن طرفان ڀرپور حصو وٺڻ کان پوءِ سنڌ جي تعليمي درسگاھن کي ھڪ منصوبابنديءَ سان قتل گاھن ۾ تبديل ڪرڻ لاءِ ڪلاشنيڪوف ڪلچر عام ڪيو ويو. هن چيو ته تعليمي ادارا ڪرمنل ڏوھارين ۽ غنڊن حوالي ڪيا ويا. شاگرد يونين تي پابندي ھڻي انتھا پسندي کي ھٿي وٺرائي وئي، ڪاپي ڪلچر کي عام ڪيو ويو. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن کي به ڪرپٽ ترين ادارو بڻائي ميرٽ جو جنازو ڪڍيو ويو آهي. هن چيو ته ڪارل مارڪس جي پورھيت سائنسي فڪر ۽ فلسفي جي روشني ۾ غلام قومن  ڌرتي ڌوڏيندڙ  انقلاب آندا ۽ سامراجي ملڪن ۽ ان جي ايجنٽ حُڪمرانن کي شڪستون ڏنيون. مارڪس جو فڪر ۽ فلسفو غلامي مان نجات ۽ ڇوٽڪاري جو فڪر آھي. هن چيو ته هن وقت سنڌ جي زمينن تي قبضا ڪيا پيا وڃن، ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ زرعي انقلاب جي نالي تي سنڌ جي زمينن جي نيلامي ٿي رهي آهي. سنڌو درياءَ سڪايو پيو وڃي، ملڪ ۾ جمھوريت جي نالي تي آمريت مڙھيل آھي. سنڌ مٿان ون يونٽ کان به وڌيڪ وار ڪيو ويو آھي.صحافت کي قيدي بنائڻ کان پوء سوشل ميڊيا تي پابنديون ھڻڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جي شاگردن کي اڳيان اچڻو پوندو. سنڌي شاگرد تحريڪ جي نئين چونڊيل مرڪزي صدر نويد عباس ڪلهوڙو  چيو ته مارڪسزم هڪ سائنسي فڪر آهي، سنڌ جي يونيورسٽين جي استادن ۽ ملازمن جا الائونس ختم ڪرڻ ناانصافي آهي، الائونس فورن بحال ڪيا وڃن. يونيورسٽين جي گرانٽ وڌائي وڃي. شاگردن جون فيون گهٽائڻ لاءِ يونيورسٽين کي خصوصي فنڊ جاري ڪيا وڃن. بجيٽ جو گهٽ ۾ گهٽ 6 سيڪڙو تعليم تي خرچ ڪيو وڃي. سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر غلام مصطفيٰ چانڊيو چيو ته حڪومت هزارين اسڪول وڏيرن جي واڙن ۾ تبديل ڪري ڇڏيا آهن. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون چيو ته سنڌ جي تعليمي ادارن ۾ نياڻين کي هراسان ڪندڙ وحشين کي سخت کان سخت سزا ڏني وڃي. هن چيو ته عورتن جي تعليم کي هٿي وٺرائڻ لاءِ گهربل اپاءَ ورتا وڃن. غريب شاگردياڻين کي مفت ۾ پڙهائڻ لاءِ فنڊ رکيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.