وارهه ۾ اجتماعي زيادتي بعد قتل ڪيل ناري نازيا چنا جي خون جو جرڳو،75 لک رپيا ڏنڊ

لاڙڪاڻو/ وارهه ( رپورٽ : وحيد ابڙو + منظور قريشي )  وارھه ۾ اجتماعي زيادتيءَ بعد قتل ڪيل ناري نازيه چنو جي خون جو جرڳو لاڙڪاڻي ۾ ڪيو ويو ملزمن مٿان 75 لک ڏنڊ مقرر ڪيو ويو منظور چولياڻي جي سرپئنچي هيٺ ٿيل جرڳي ۾ جوابدار عيسيٰ کرل ۽ وزير ڇٽو مٿان 75  لک ڏنڊ وڌو ويو ملزم سينٽرل جيل ۾ قيد آهن ڏنڊ جي رقم ادا ڪرڻ کان پوءِ وارث ڪيس تان هٿ کڻندا ڌُرين پاران فيصلي جي تصديق ڪئي وئي ان ڏس ۾ 9 مھينا اڳ وارھ جي سومرا مُحلي ۾  اجتمائي ڏاڍائي بعد قتل ڪيل ناري نازيه ڌيءُ اختيار علي چنو جي خون جو جرڳو سرپنچ منظور علي چولياڻي جي سرپنچي ۾ لاڙڪاڻي ۾ ڪيو ويو جنھن ۾ قتل ٿيل ناري نازيه چنو جي عزيزن سميت الزام ھيٺ آيل ملزمن عيسي’ کرل ۽ وزير ڇُٽو جي ڌر جي ماڻھن شرڪت ڪئي جرڳي دوران ملزمن تي ناري سان ڏاڍائي ۽ قتل جو ڏوھ ثابت ٿيڻ تي مٿن 75 لک ڏنڊ رکيو ويو ۽ ڏنڊ جي رقم ناري جي وارثن کي قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي جرڳي جي اھڙي تصديق ناري جي وارثن ڪري ڇڏي آھي جڏھن ته واقعي ۾ ملوث جوابدار عيسي’ کرل ۽ وزير ڇُٽو سينٽرل جيل لاڙڪاڻي ۾ قيد آھن جرڳي دوران اُھو به طئي ڪيو ويو ته ڏنڊ جي رقم ملڻ بعد ناري جا وارث ڏوھي ڌر کي رضانامو ڏئي ڪيس تان ھٿ کڻندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.