ڪڻڪ درآمد جو فيصلو اڳوڻي پي ڊي ايم حڪومت ئي ڪيو؟

اسلام آباد (عمر چيما) ڪڻڪ اسڪينڊل ڪوڙو آهي، نواز  ليگ نگرانن سان اهو ئي ڪجهھ ڪري رهي آهي جيڪو نون ليگ سان پي ٽي آءِ  ڪيو. ڪڻڪ ٻاهران گهرائڻ جو پهريون فيصلو مسلم ليگ ن جي حڪومت 2023ع ۾ ڪيو جڏهن طارق بشير چيما سمري منظوري لاءِ وزيراعظم کي موڪلي هئي. هي ڪوڙ پيا ڳالهائين ۽ غلط الزام پيا هڻن ۽ پوء چوندا آهن ته بيوروڪريسي ڪم نه ٿي ڪري. تازو انگريزي اخبار خبر ڏني آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ڪڻڪ اسڪينڊل جي جاچ ۾ رڪاوٽ بڻيل آهي ۽هو نه ٿو چاهي اها جاچ نيب يا ايف آءِ اي ڪري. خانگي شعبي ذريعي ڪڻڪ امپورٽ ڪرڻ جي تجويز ناڻي وزارت ڏني هئي ڇو ته اسٽيٽ بينڪ وٽ ايترا ڏوڪڙ نه هئا جو سرڪار ڪڻڪ گهرائي ۽ ٻيو اهو ته جيڪڏهن سرڪار ڪڻڪ امپورٽ ڪري ها ته ان جي قيمت 30-کان 50-سيڪڙو وڌيڪ هجي ها. ان فيصلي تحت ڪڻڪ خانگي شعبي ذريعي گهرائي وئي. البت ان وچ ۾ سرڪار هڪ آرڊر جاري ڪيو ته 28-فبروري کان پوءِ ڪڻڪ گهرائڻ تي پابندي هوندي ان تي ڪڻڪ گھرائيندڙ واپارين چيو ته آرڊر ڏنل آهي ۽ پيسا به ڏئي ڇڏيا آهن انڪري اها تاريخ وڌائي 31-مارچ ڪئي وئي.

نوٽ: عمر چيما جو هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 06 مئي 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.