شاھ لطيف سنڌي ٻوليءَ لاءِ شاعري ڏئي ديوار چين ڏئي ويو آهي: جامي چانڊيو

ڪراچي(رپورٽر) سنڌي ٻوليءَ جي با اختيار اداري پاران آرٽس ڪائونسل ڪراچي ۾ منعقد ٿيندڙ ‘ٻين عالمي سنڌي ٻوليءَ ڪانفرنس’ جي ٻئي ڏينهن تي پاڪستان ۾ اصلوڪيون ٻوليون، تعليم ۽ ثقافتي رابطو ‘ جي  موضوع تي پھرين ويھڪ ۾ ڳالهائيندي نصاب جي ماهر پروفيسر ادريس جتوئي چيو ته  مادري ٻوليون ڪڏهن به  حڪومتن جي ترجيح ناهن رهيون، پاڪستان گهڻ ٻوليائي ملڪ آهي پر بدقسمتي سان تعليم ۾ مادري ٻولين طرف ڪا به  منصوبه  بندي ناهي ڪئي وئي، سنڌ اندر خانگي اسڪولن ۾ سنڌي نٿي پڙهائي وڃي،نوجوان اسڪالر عامر علي مغيري چيو ته هن وقت تائين سنڌ اسيمبلي مان سنڌي ٻوليءَ بابت 4 اهم قانونسازيون ڪيون ويون ۽ 3 ٺھراءَ پڻ منظور ٿيل آهن، ان تي عمل ڪرائڻ حڪومت جي ذميواري هوندي آهي. نامياري تعليمدان ساڀيان سانگي چيو ته ٻاهرين اثرن جي ڪري ڪافي ٻوليون ختم ٿي وينديون آهن.ٽئين ويھڪ ۾ قائد اعظم يونيورسٽي اسلام آباد جي استاد ڊاڪٽر حنيف خليل پنھنجي مقالي ۾ چيو ته دنيا ۾ جتي به  مادري ٻولين ۾ بنيادي تعليم ڏني وڃي ٿي اهي قومون سڀ کان وڌيڪ ترقي ڪري رهيون آهن چترال مان آيل خئار ٻوليءَ جي نمائندگي ڪندي ظفر الله پرواز  چيو ته اسان پھاڙي علائقن جا ماڻھو ۽ هي سامونڊي علائقو پر سنڌ سان اسان جي محبتن جو رشتو آهي، سنڌ يونيورسٽي جي استاد ڊاڪٽر شازيه پتافي چيو ته قومن جي سڃاڻپ ٻوليءَ سان هوندي آهي، محقق امين جويي چيو ته جديد ٽيڪنالاجي مان فائدو وٺندي سنڌ جي قديمي سنڌو لکت جي ڀاڃ ڪرڻ لاءِ ڪوششون تيز ڪجن. چوٿين ويھڪ ۾ عزيز ڪنگراڻي، مھاوير ايڇ محمد مقالا پڙهيا ۽ بنگلاديش سان تعلق رکندڙ اسڪالر بھاتا آنسومالي آن لائن پنھنجو تحقيقي مقالو پيش ڪيو. نامياري دانشور جامي چانڊيي چيو ته اڄوڪي دور جي دانشورن کي رڳو تخليق ۽ اڀياس تي نه پر فلسفي تي ڪم ڪرڻوـپوندو، هن چيو ته شاھ لطيف ٻولي لاءِ شاعري ڏئي ديوار چين ڏئي ويو آهي اھو غلط تاثر آھي دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن جون ٻوليون ميسارجي ويون، جيڪڏهن ھن ڀيري ٻولي جو بل لاوارث  ٿيو ته سنڌ جو ماڻهو اوھان کان پڇاڻو ڪندو ،مھتاب اڪبر راشدي چيو ته  ٻولي جي حوالي سان پنهنجي پاڻ کان پاڻ شروع ڪريو ،جڏهن اوھين پنهنجي ٻولي جي عزت نه ڪندا ته ڪير ٻيو ڪيئن ڪندو؟ اسڪالر ڊاڪٽر فھميده حسين چيو ته  گهڻي وقت کان سنڌي ٻوليءَ کي خطرا موجود آهن رومن سنڌي سان پوري دنيا جي سنڌين سان رومن سنڌي ۾ لکپڙهه ڪري سگهجي ٿي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.