13 لک ٽن درآمدي ڪڻڪ خراب نڪتي، حڪومت ذميوارن خلاف جاچ کان ڪيٻائڻ لڳي

اسلام آباد(بيورو+عوامي آواز نيوز) وزيراعظم شهباز شريف ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته آبادگارن جي مفادن جو هر قيمت تي تحفظ ڪيو يندو، جڏهن ته وفاقي حڪومت ڪڻڪ ميگا اسڪينڊل جي جامع جاچ ڪرائڻ  ۽ ذميوارن خلاف ڪارروائي ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي.درآمدي بي ضابطگين جي جاچ لاءِ قائم ڪميٽي جو سربراهه ڪابينا يڪريٽري ڪامران علي افضل آهي.(ن) ليگ جو سربراهه ميان نواز شريف چاهي ٿو ته شهباز شريف جي قيادت ۾ حڪومت ڪنهن به سياسي اثر کي نظر ۾ رکندي هن ميگا اسڪينڊل ۾ ملوث ماڻهن خلاف ”غير جانبدار“ ڪارروائي ڪري.مسلم ليگ (ن) جي ماڊل ٽائون آفيس ۾ ٿيل اجلاس ۾ تجويز ڏني وئي ته مبينا اسڪينڊل جي جاچ ۾ قومي احتساب بيورو (نيب) يا وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) کي شامل ڪيو وڃي، جڏهن ته شهباز شريف حڪومت جو چوڻ هو ته اهڙو ڪو به فيصلو غور هيٺ ناهي.سڌ سماءَ واري وزير عطاءُ الله تارڙ ڊان کي ٻڌايو ته حڪومت جو ڪو ارادو ناهي  ته نيب يا ايف آءِ اي ڪڻڪ جي اسڪينڊل جي جاچ ڪري، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته ان اسڪيم جو تعلق اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان آهي، تنهن ڪري شهباز شريف انتظاميا جو هٿ آهي ‘تمام احتياط سان هلڻ’.ان پس منظر ۾ اهي رپورٽون به سامهون آيون آهن ته شهباز شريف حڪومت 8 فيبروري جي چونڊن کانپوءِ 98 ارب رپين جي ڪڻڪ امپورٽ ڪئي پر هڪ اعليٰ حڪومتي عهديدار جو چوڻ هو ته شهباز شريف ڪابينا اهڙو ڪو به فيصلو ناهي ڪيو، جڏهن ته حڪومتي انڪوائري ڪميٽي الزام هنيو آهي. هن درآمد جي پڻ جاچ ڪئي پئي وڃي. جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف قومي سلامتي، فوڊ اينڊ ريسرچ جو وزير آهي ته ملڪ ۾ ڪڻڪ جي درآمد جو انڪشاف ٿيو آهي.ڊان نيوز موجب ذريعن جو چوڻ آهي ته مارچ ۾ ڪڻڪ امپورٽ ٿيڻ وقت وزيراعظم پاڻ خوراڪ واري وزارت جو انچارج هو، هن 3 اپريل تي وفاقي وزير رانا تنوير کي نيشنل فوڊ سيڪيورٽي جو اضافي قلمدان ڏنو هو صوبائي وزير شهباز شريف فوڊ سيڪيورٽي جو انچارج هوسرڪاري انگن اکرن موجب هلندڙ مالي سال فيبروري تائين 225 ارب 78 ڪروڙ30  لک رپين جي ڪڻڪ درآمد ڪئي وئي، مارچ 2024ع ۾ 57 ارب 19 ڪروڙ 20لک  رپين جي ڪڻڪ درآمد ڪئي وئي.موجوده حڪومت جي پهرين مهينن ۾ 6 لک91 هزار 136 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد ڪئي وئي،جڏهن ته نگران دور ۾ 27 لک 58 هزار 226 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد ڪئي وئي،

اسلام آباد ( اسد طور+منصور علي خان) اھا ڳالھھ چٽي ٿي وئي آھي تھ نگران سيٽ اپ ۾ ڪڻڪ ۽ اٽي جي اسڪينڊل ٿيو آھي پر ن ليگ  حڪومت ان جي جاچ ڪرڻ کان لھرائي رھي آھي،جنھن جي بدران نوڪرشاھي جي ڪجهھ ماڻھن خلاف ڪارروائي ڪري معاملي کي دفن ڪرڻ جو ارادو ڪيو آھي.ڇاڪاڻ جو حڪومت سمجھي ٿي تھ اڳواڻي نگران وزيراعظم انوار ڪاڪڙ ۾ ھٿ  وجھڻ جو مطلب ٿيندو تھ سڌي ريت اسٽيبلشمينٽ سان جھيڙي ۾ اچڻ،جنھن ڪري حڪومت ان کان پاسو ڪري رھي آھي،جڏهن ته ڪڻڪ اسڪينڊل بابت هيل تائين ٿيندڙ جاچ کان وزيراعظم کي آگاهه ڪيو ويو آهي، سيڪريٽري خوراڪ ٻڌايو ته آگسٽ 2023 کان مارچ 2024ع تائين 330 ارب رپين جي ڪڻڪ درآمد ڪئي وئي،13 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ ۾ ڪيڙا موجود هئڻ جو انڪشاف ٿيو آهي،پي ڊي ايم حڪومت جولاءِ 2023ع تائين ڪڻڪ جي درآمد بابت فيصلو محفوظ رکيو هو،نگران حڪومت ۾ اڍائي سئو ارب رپين جي 28 لک ميٽرڪ ڪڻڪ درآمد ڪئي وئي،موجوده حڪومت ۾ 80 ارب رپين جي 7 لک ميٽرڪ ڪڻڪ پاڪستان پهتي،مجموعي طور ڪڻڪ درآمد ڪرڻ لاءِ هڪ ارب 10 ڪروڙ ڊالر پاڪستان کان ٻاهر موڪليا ويا،رپورٽ ۾ چيو ويو ته ڪڻڪ جا 70 جهاز 6 ملڪن مان گهرايا ويا، ناڻي وزارت نجي شعبي ذريعي رڳو 10 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ درآمد جي اجازت ڏني هئي،

نوٽ:  هي خبر ۽ تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 06 مئي 2024ع تي شايع ٿيا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.