ايف آءِ ايف سي ذريعي معيشت ۽ زمينن تي قبضا ٿي رهيا آهن: افراسياب خٽڪ

لاهور(عوامي آواز نيوز)اڳوڻي سينيٽر،انساني حقن جي اڳواڻ ۽  سينئر سياستدان افرا سياب خٽڪ چيو آهي ته وفاق کي خطرا پيش آهن، آئين تي عملدرآمد مسئلو بڻيل آهي،عاصمه جهانگير ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته ٻيو ته وڏي پئماني تي رياست جي ملٽرائزيشن ٿي آهي،سڀ کان وڏو بزنيس امپائر فوج جو آهي هاڻي ان تي گذارو ناهي رياستي معيشت تي به اهي ايف آءِ ايف سي جوڙي قبضو ڪرڻ چاهين ٿا،زمينن تي قبضا ڪري رهيا آهن، هن چيو ته فوج ۾ 80 سيڪڙو وڏي صوبي سان تعلق رکن ٿا، پاڪستان جي ملٽرائزيشن جو مطلب پنجابازائيشن آهي،هڪ طرح سان گريٽر پنجاب جڙي رهيو آهي، هن چيو ته ارڙهين ترميم تي اسان سمورن سياستدانن  اتفاق ڪيو پر جنرل باجوا ان خلاف بيان ڏنو، هن چيو ته ملڪ تي هڪ اداري جو قبضو آهي،ان تي پنجاب جو غلبو آهي، پنجاب سڄي ملڪ جي گورننس تي اثرانداز ٿئي ٿو، هن چيو ته سينيٽ کي بااختيار بڻائڻو پوندو،سينيٽ  بجيٽ کي تبديل نٿي ڪري سگهي،مڪاني نظام ۾ سياسي اشرافيه جي غلطي آهي، اهي هيٺين سطح تي فنڊن جي استعمال سان پنهنجو اثر رسوخ ختم ٿيڻ جو خدشو رکن ٿا،ان ڪري اختيار منتقل ٿيڻ نٿا ڏين،هن چيو ته اسان کي نئين سوشل معاهدي جي ضرورت آهي،آئين ٽوڙيندڙن خلاف ڪارروائي ڪرڻي پوندي.

نوٽ:  هي خبر، روزاني عوامي آواز، سومر 06 مئي 2024ع تي شايع ٿي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.