سنڌ هندو ڪائونسل پاران پريا ڪماري جي آزادي لاءِ احتجاجي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان

حيدرآباد(رپورٽر) سنڌ هندو ڪائونسل چتاءُ ڏنو آهي ته جيڪڏهن خيرپور ضلعي جي سنگرار واري علائقي مان اغوا ٿي ويل معصوم نياڻي پريا ڪماري کي جلد بازياب نه ڪرايو ويو ته سڄي سنڌ ۾ احتجاجي تحريڪ شروع ڪئي ويندي. سنڌ ھندو ڪائونسل جي چيئرمين ديوان سورج  ڪوھستاني پنھنجي قاسم آباد واري رهائشگاهه تي ھندو ڪائونسل جي صدر مھيش جيراماڻي، وائيس چيئرمين درگا ديوي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين حيدر شاھاڻي، سنڌ صوفي فورم جي ڪنوينر ڊاڪٽر بدر چنا ۽ رواداري تحريڪ سنڌ جي صدر پنھل ساريو سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آءِ جي سنڌ ڪجهه ڏينهن اڳ اهو بيان ڏنو هو ته پريا ڪماري جي ڪيس ۾ ويجھو پھتا آھيون، پر اڃا تائين پوليس پريا ڪماري جي بازيابي جي لاءِ ڪا به اڳڀرائي نه ڪري سگهي آهي، اھڙي ھاءِ پروفائيل ڪيس ۾ پوليس آفيسرن پاران بنا ڪنھن جاچ ۽ ثبوت جي اھڙا ريمارڪس ڏيڻ پڻ سندن نااھلي جو چٽو ۽ واضح ثبوت آھي، پريا ڪماري جا گھرڀاتي پريشان آھن ته سندن گلن جھڙي معصوم نياڻي جيئري به آھي يا رھزنن کيس قتل ڪري ڇڏيو آھي. هن چيو ته پريا ڪماري جي اغوا کي تقريبن اڍائي سال کان وڌيڪ وقت گذري چڪو آھي، پر ان کي اڃا تائين پوليس کيس بازياب ني ڪرايو آھي، نه صرف پريا ڪماري جا وارث پر سڄي سنڌ سراپا احتجاج آھي. هن چيو ته سنڌ حڪومت پاران جوڙيل جي آئي ٽي ۾ شامل آفيسرن پاران پريس ڪانفرنس ڪندي جيڪي پريا بابت ڳالھيون ڪيون ويون آھن تن نه صرف پريا ڪماري جي گھرڀاتين کي پر سڄي سنڌ جي شعور کي رنجايو آھي، ان ڪري اسان سمجهون ٿا ته پريا ڪماري جي بازيابي جي لاءِ پرامن احتجاج وارو رستو اختيار ڪجي، جيڪڏھن پريا ڪماري کي بازياب نه ڪرايو ويو ته سنڌ ھندو ڪائونسل پاران سڄي سنڌ ۾ ڀرپور احتجاجي تحريڪ ھلائي ويندي ۽ اھا احتجاجي تحريڪ معصوم پريا ڪماري جي بازياب ٿيڻ تائين جاري رھندي، سڄي سنڌ جا ماڻهو ڪراچي کان ڪشمور تائين پريا ڪماري جي بازيابي جي لاءِ ٿيندڙ احتجاج ۾ ڀرپور شرڪت ڪندا، پريا ڪماري جي بازيابي لاءِ سگھارو آواز اٿاريو وڃي.

ڪراچي ۾ معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ مظاهرو

ڪراچي ( رپورٽر ) ٽن سالن کان وڌيڪ عرصي کان اغوا ٿيل معصوم نياڻي پريا ڪماري جي آزادي لاءِ ڪراچي پريس ڪلب اڳيان سول   سوسائٽي طرفان لياقت جلباڻي، سنديا سومرو، حسين ڏاهاڻي، عديل پنهور، آفاق ڀٽي سهڻي پارس، خالده ارباب ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو. احتجاج ڪندڙن پريا ڪماري جون تصويرون ئي پلي ڪارڊ کڻي سخت نعريبازي ڪئي وئي. هنن چيو ته پريا ڪماري کي 3 سالن کان گم آهي کيس هن مهل تائين آزاد نه ٿو ڪرايو وڃي، پوليس طرفان پريا ڪماري جي بازيابيءَ لاءِ پوليس طرفان ڪيتريون ئي جي آئي ٽيز جوڙيون ويون آهن، پر ڪوبه نتيجو نه مليو آهي، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته ان واقعي پويان اهم سرڪاري شخصيتن جو هٿ آهي. هنن مطالبو ڪيو ته جلد کان معصوم نياڻي پريا ڪماري کي آزاد ڪرايو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو. ٻي طرف سنڌ سڀا طرفان پڻ ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي ڪيمپ پڻ لڳائي وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.