نوازشريف جي چين دوري تي اسٽيبلشمينٽ ۾ بي چيني؟

اسلام آباد( اسدطور) اسحاق ڊار کي ان ڪري تڪڙ ۾ ڊپٽي وزيراعظم بڻايو ويو جو حڪومت کي ڊپ ھو تھ جيڪڏھن اسٽيبلشمينٽ انوار الحق ڪاڪڙ جو نالو ان عھدي جي لاءِ ڏنو تھ  حڪومت ڪجهھ نھ ڪري سگھندي.اڳواٽ طئي ڪيل فارمولي موجب ن ليگ کي اھو ٻڌايو ويو ھو تھ  اسٽيبلشمينٽ انوارڪاڪڙ کي اھم عھدو ڏيندي،پر پ پ پ ان ۾ رڪاوٽ بڻجي وئي،انوار ڪاڪڙ کان اھو عھدو کسجي ويو. اسٽيبلشمينٽ انوار ڪاڪڙ کي اھم عھدي ڏيڻ جو واعدو ڪيو ھو، اڳ ۾ ھو سينيٽ جو چئرمين ڪيو پئي ويو پر پ پ پ جي ضد ڪرڻ سبب اھو عھدو پ پ پ کي ڏنو ويو،جنھن ڪري سمجھيو پئي ويو تھ اسٽيبلشمينٽ ڪنھن بھ وقت انوارڪاڪڙ لاءِ ڊپٽي وزيراعظم مقرر ڪرڻ جي لاءِ نالو ڏئي سگھي ٿي.اھا سموري صورتحال نوازشريف جي چين جي ذاتي دوري دوران ۽ وزيراعظم شھبازشريف جي سعودي عرب جي دوري وقت ٿي،نوازشريف کي جڏھن سمجهھ ۾ آيو تھ پ پ پ ٻين اھم عھدن کانسواءِ سينيٽ جي چئرميني  لاءِ بھ يوسف رضا گيلاني کي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آھي تھ ھن پنھنجي ڀاءُ وزيراعظم شھبازشريف کي تڪڙ ۾ ان عھدي تي اسحاق ڊار مقرر ڪرڻ جي ھدايت ڪئي ھئي.ٻئي پاسي جيتوڻيڪ نوازشريف چين جو  ذاتي حيثيت ۾ دورو ڪيو ھو،جتي ھن پنھنجي پٽ جي سعودي عرب ۾ اسٽيل مل کي اپ گريڊ ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ورتيون آھن، پر ساڳئي وقت اسٽيبلشمينٽ نوازشريف جي چين جي دوري تي گھڻو پريشان ھئي.جنھن بابت آءِ ايس آءِ جي اھم اھلڪار اسحاق ڊار سان رابطو ڪري ان بابت معلومات بھ ورتي ھئي.

نوٽ: اسد طور جو هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 06 مئي 2024ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.