عمران خان جي تجويز رد، پي ٽي آءِ پاران پِي اَي سِي چيئرمين لاءِ شير افضل جي جاءِ تي نئين نالي جي منظوري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ( پِي اَي سِي ) جي چيئرمين لاءِ شير افضل مروت جي جاءِ تي نئين نالي جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته شير افضل مروت کي هٽائڻ لاءِ عمر ايوب ۽ شبلي فراز سياسي ڪميٽي جو اجلاس سڏايو، اجلاس ۾ شير افضل مروت جو نالو واپس وٺڻ لاءِ ووٽنگ ڪرائي وئي.
ذريعن موجب، پي اي سي چيئرمين لاءِ شيرافضل جي حق ۾ اسد قيصر، شهريار آفريدي، شاندانه گلزار ۽ ذلفي بخاري ووٽ ڏنا جڏهن ته عمر ايوب ۽ شبلي فراز شير افضل کي هٽائڻ لاءِ وفاق اڪرم جو نالو سامهون آندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پي اي سي چيئرمين لاءِ وقاص اڪرم جي نالي جي منظوري پي ٽي آءِ جي سياسي ڪميٽي ڏني.
ذريعن موجب، سياسي ڪميٽي شير افضل جو نالو واپس وٺڻ واري فيصلي بابت پي ٽي آ ءِعمران خان کي آگاهه ڪندي.
ياد رهي ته پي ٽي آءِ باني عمران خان پي اي سي چيئرمين لاءِ شير افضل جو نالو تجويز ڪيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.