پشاور (م ڊ)خيبرپختونخواهه جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته پي ٽي آءِ جا 2 مختلف رايا آهن، پي ٽي آءِ آرمي چيف ۽ ڊي جي آءِ ايس آءِ سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ به سياست ۾ اسٽيبلشمينٽ جي مداخلت جي ڳالهه ڪري رهي آهي فوج کي ڄاڻي واڻي سياست ۾ ڌڪي رهيا آهن. هن چيو ته سياسي پارٽين کي سياسي پارٽين سان ئي ڳالهيون ڪرڻيون پونديون آهن، مولانا فضل الرحمان هميشه جمهوري واٽ تي هلندي جدوجهد ڪئي آهي، هو مولانا فضل الرحمان سميت سمورين سياسي پارٽين سان ڳالهائيندو. پيپلز پارٽي وفاقي ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، ڪابينا جو حصو بڻجڻ جو فيصلو سينٽرل ايگزيڪيوٽو ڪميٽي جي فورم تي ڪيو ويندو آهي. فيصل ڪريم ڪنڊي چيو ته حلف برداري تقريب ۾ وڏي وزير يا ڪابينا جي نمائندگي نه هجي ته ڪو مسئلو ناهي، مسئلا حل ڪرڻ لاءِ وزيراعليٰ هائوس سميت ڪٿي به وڃي سگهان ٿو.