اسلام آباد ( بيورو + م ڊ ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ اسد قيصر جو چوڻ آهي ته قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ قانون ۾ ترميم جو اشارو ڏنو آهي، جنهن مان ظاهر آهي ته هو چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ طرف اشارو ڪري رهيا آهن ، لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي اسد قيصر چيو ته اهڙي قانون سازي جي اجازت نه ڏينداسين. ان جي پويان سياسي مقصد آهن. اسد قيصر چيو ته لاهور ۾ وڪيلن ۽ قيدين جي گهرڀاتين سان ملاقات ٿي، اسان جي ڪارڪنن جي چوڌاري گهيرو تنگ ڪيو ويو، قانون ۽ آئين ۾ ان جي ڪا گنجائش ناهي.