18هين آئيني ترميم قوميتن جي جياپي جو بنياد آهي:ايمل ولي خان

پشاور (م ڊ)سينيئر سياستدان اسفند يار ولي جو پٽ ۽ عوامي نيشنل پارٽي خيبرپختونخواهه جو صدر ايمل ولي خان اي اين پي جو مرڪزي صدر چونڊجي ويو آهي. عوامي نيشنل پارٽي (اي اين پي) جي نئين چونڊيل صدر  ايمل ولي خان چيو آهي ته 18هين آئيني ترميم پختونن ۽ سمورن اقليتي قوميتن جي زندگي جو بنياد آهي، جيڪا اڄ خطري هيٺ آهي. پشاور ۾ اي اين پي جي مرڪزي ڪائونسل کي خطاب ڪندي ايمل ولي خان چيو ته سڀني کي خبر آهي ته پختونن کي ڪهڙي طريقي سان غلاميءَ ۾ آندو ويو آهي.هن چيو ته سمورا ادارا آئيني دائري ۾ رهي ڪم ڪن ته پاڪستان اڳتي وڌندو.اي اين پي جي نئين چونڊيل صدر وڌيڪ چيو ته اسان کي خبر آهي ته آئين انهن ماڻهن لاءِ صرف ڪاغذ جو ٽڪڙو آهي، رهبر تحريڪ اسفند يار ولي جون قوم لاءِ ڪارناما سڀني جي سامهون آهن.هن اهو به چيو ته 18هين آئيني ترميم پختونن ۽ سمورين ننڍين قوميتن جي زندگي جو بنياد آهي، جيڪا اڄ خطري هيٺ آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.