اسلام آباد(بيورو) اڳوڻي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته ڪڻڪ سرڪاري خزاني مان درآمد کان منع ڪري ڇڏيو هو،سرڪاري ذريعي بدران نجي شعبي کي ڪڻڪ درآمد ڪرڻ جو چيو ويو، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته 400 ارب رپين جي ڪڻڪ جي ڳالهه انسپيڪٽر جمشيد جي ڪهاڻي وانگر آهي،اي سي سي ۾ اندازو لڳايو ويو ته 3 کان 4 ملين ڪڻڪ جي ضرورت آهي،معاملي ۾ نه خامي آهي نه بحران آهي نه ئي ڪرپشن آهي،هن چيو ته ڪڻڪ درآمد جو ايس آر او پي ٽي آءِ جي وفاقي حڪومت جاري ڪيو هو،ايس آر او ۾ چيو ويو ته نجي شعبي کي درآمد جي اجازت ڏني وڃي،ڪڻڪ معاملي تي چانهه جي پيالي ۾ طوفان برپا ڪيو ويو آهي،نجي شعبي جي بڊنگ حڪومت جو ڪم ناهي،60 ڪمپنين ڪڻڪ درآمد ڪئي،هن چيو ته اسان ڪڻڪ درآمد ڪرڻ لاءِ ڪو قانون منظور نه ڪيو.