لاهور(بيور)ڪڻڪ درآمد جي معاملي تي پنجاب حڪومت جي نااهلي سامهون اچي وئي، ڪڻڪ خريداري تي پنجاب حڪومت دير سان نشاندهي ڪئي جڏهن ته 31 مارچ تي آخري جهاز اچڻ کان 6 ڏينهن اڳ اعتراض اٿاريو، نين حقيقيتن مطابق پنجاب حڪومت جي منع ڪرڻ باوجود وفاق ساڍا 8 لک ٽن ڪڻڪ درآمد ڪئي،ان کان اڳ پنجاب حڪومت پهرين خاموش ويهي ڪڻڪ جي درآمد ڏسندي رهي، 26 لک ٽن ڪڻڪ درآمد تي پنجاب سيڪريٽري نيشنل فوڊ سيڪيورٽي کي درآمد روڪڻ جو خط لکيو هو