لاهور ( م ڊ ) قرض تي ڪڻڪ پوکڻ وارا قرضدار هاري پنهنجو بهترين فصل اوڌر تي وڪڻڻ تي مجبور بڻجي ويا آهن، فلور ملن جي چاندي ٿي وئي آهي جيڪي هارين ۽ آبادگارن جي مجبوري جو ڀرپور فائدو کڻي رهيا آهن، ڪڻڪ سستو هجڻ باوجود فلور ملز ٽن مهينن جي قسطن تي ڪڻڪ خريد ڪري رهي آهي، آبادگارن جو چوڻ آهي ته مارڪيٽون ڪڻڪ سان ڀرجي ويون آهن پر حڪومت خريد نه ڪري رهي آهي، جنهن سبب ڪڻڪ گهٽ اگهه تي وڪرو ڪري رهيا آهيون. پنجاب حڪومت ڪڻڪ جي خريداري جو نه ڪو هدف مقرر ڪيو آهي ۽ نه ئي خريداري شروع ڪئي آهي. پنجاب جي خوراڪ واري صوبائي وزير بلال ياسين جو چوڻ آهي ته نمي گهٽ ٿيڻ جي صورت ۾ ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.