خانواهڻ ( ن ع آ ) خانواهڻ ٿاڻي جي حد ڳوٺ ٽنڊوگل شاهه ۾ ٽن هٿياربندن ڪلاشنڪوف جا برسٽ هڻي 30 ورهين جي نوجوان پورهيت نويد علي پٽ اسدالله سيال کي ٿڏي تي قتل ڪري ڇڏيو، اهڙو اطلاع خانواهڻ ٿاڻي تي ڏنو ويو، پر پوليس پنهنجي روايتي سستيء جو مظاهرو ڪيو، اڌ ڪلوميٽر پنڌ جو فاصلو هجڻ باوجود هڪ ڪلاڪ دير سان واقعي واري هنڌ پهچي، تيستائين جوابدار آساني سان فرار ٿي ويا، بعد ۾ پوليس لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي پوسٽ مارٽم لاءِ تعلقي اسپتال ڪنڊيارو پهچايو، جتي پوسٽ مارٽم کانپوءِ لاش وارثن حوالي ڪيو ويو، مڙھ گهر پهتو ته ڪهرام مچي ويو، وارث مرد ۽ عورتون لاش کي کي چنبڙي زاروقطار روئيندي قاتلن کي پٽون پاراتا ڏيندا رهيا، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي مقتول نوجوان پورهيت نويد علي جي پيءَ اسدالله سيال ٻڌايو ته اڍائي مهينا اڳ ٽنڊوگل شاهه وٽان ٽن هٿياربندن ڦورن خانواهڻ ٿاڻي جي اهلڪار روشن چنو کان سرڪاري رائيفل ڦر ڪري ورتي هئي جنهن تي ڳوٺاڻن ۽ پوليس ڦورن جو پيڇو ڪيو هيو، جتي پوليس ۽ ڦورن جي فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه ڦورو ابراهيم خشڪ ۽ غلام حسين خشڪ زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيا ويا هئا، جيڪي نوابشاهه اسپتال ۾ فوت ٿي ويا هئا، جنهن کانپوءِ سندن وارث اسان کي قتل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏيندا هئا، اڄ هٿياربندن هلان ڪري منهنجي پٽ کي ناحق قتل ڪري ڇڏيو آهي، هن وڌيڪ چيو ته اسان سان وڏو ظلم ڪيو ويو آهي، قاتل گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.