هنڱورجا ۾ جوابدارن چاقن جا وار ڪري نينگر کي قتل ڪري ڇڏيو

ھنڱورجا ( ن ع آ )  ھنڱورجا شھر جي گلال پاڙي ۾ جوابدارن جو نينگر جي چاقن سان حملو ڪري قتل ڪري ڇڏيو ـ لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ـنينگر جي گھر ۾ ڪھرام ـڪيس داخل نه ٿي  سگھيو ـ جوابدار فرار  تفصيل موجب ھنڱورجا جي گلال محلي ۾ جوابدارن پورھيت منير احمد گلال جي پٽ علي حيدر گلال مٿان چاقن سان حملو کيس کي شديد زخمي ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا زخمي کي گمس اسپتال گمبٽ نيو ويو جتي زخمن جا سور ن سھندي فوت ٿي ويو فوتي نينگر جو لاش ھنڱورجا اسپتال  ۾ آڻي لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو فوتي نينگر جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو فوتي نينگر جي والد منير احمد گلال ٻڌايو ته ظالمن وڏو ظلم ڪيو آھي منھنجي پٽ کي بيگناھ قتل ڪيو ويو آھي جوابدارن کي گرفتار ڪري مون سان انصاف ڪيو وڃي ھوڏانھن قتل واقعي جو اڃان تائين ڪيس داخل ٿي نه سگھيو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.